ڪارونجھر ۽ سنڌو درياھ جي قتل جي سازش، سنڌ مڪمل گھيري ۾ آندي وئي آھي: اياز لطيف پليجو

ڪارونجھر ۽ سنڌو درياھ جي قتل جي سازش، سنڌ مڪمل گھيري ۾ آندي وئي آھي: اياز لطيف پليجو

ڪارونجھر ۽ سنڌو درياھ جي قتل جي سازش، سنڌ مڪمل گھيري ۾ آندي وئي آھي: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي تہ ڪارونجھر ۽ سنڌو درياھ جي قتل جي سازش، بيروزگاري، ڪرپشن، مھنگائي، لاقانونيت، انساني حقن جي لتاڙ، زرعي تباھي، تعليم، صحت، آبپاشي سميت سمورن ادارن جي بربادي، انتھاپسندي، وسيلن جي ڦرلٽ، دھشتگردن جي نين سازشن ۽ بدترين گورننس سنڌ جي اقتصادي، ترقياتي، سماجي ۽ سياسي وايومنڊل کي مڪمل گھيري ۾ آڻي ڇڏيو آھي. زرعي تباھي، پيٽرول، ڪوئلي ۽ گيس تي ھڪ ھٽي، يوريا جي ھٿرادو کوٽ، ٻيٽن، زمينن ۽ ڳوٺن تي قبضا، ڌاڙيل راڄ اھي سڀ عمل صرف ڌاڙا ناھن، اھي سنڌين جي نسل ڪُشي جي گھڻ رُخي حڪمت عملي جا مختلف سوچيل سمجھيل مرحليوار قدم آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ جيڪي قدرتي شيون آھن، پاڻي آھي، جبل آهن، معدنيات آھي، سمنڊ آهي، ٻيٽ آھن، زمين جي ھيٺان گيس، پيٽرول، ڪوئلو، گرينائيٽ ۽ ٻيا وسيلا آهن، انھن تي ڌاڙو اسانجي مستقبل ۽ بقا لاءِ مستقل ۽ سنگين خطرو آھي. پھرين ڳالھ تہ اھي وسيلا ۽ قدرتي خزانا ڪنھن ھڪڙي نسل جي ملڪيت ڪونہ ھوندا آھن، انڪري جيڪي ھينئر ست ڪروڙ ماڻھو سنڌ ۾ رھيا پيا آهن، اھي وسيلا صرف انھن جي ملڪيت ناهن، اھي قدرتي خزانا ھزارين سال پھرين اسان جي ابن ڏاڏن جي ملڪيت رھيا آهن ۽ اسان جا ايندڙ نسل جيڪي ھزارين سالن تائين پيا ڄمندا، ھي انھن جي ملڪيت آهن. انڪري انھن وسيلن جي غير ذميدارانه استعمال ۽ انھن کي مڪمل ختم ڪرڻ جو اختيار اسان ست ڪروڙ ماڻھن کي بہ ڪونھي ڇو تہ اھي اسان جي ايندڙ نسلن جي بہ ملڪيت آهن. جيئن ڪنھن اولاد جا ماءُ پيءُ ۽ مائيٽ سندن ملڪيت کي وڃائڻ يا کپائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن تہ ٻار رڙيون ڪري چوندا آھن تہ ملڪيت کي سنڀالي رکو ان ۾ اسان جو بہ حصو آهي، تنھن جي ڪري ھي وسيلا بہ اسان جي ايندڙ نسلن جي ملڪيت آهن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌو دريا، ڍنڍن، ڪارونجهر جي يا کير ٿر جي جيڪا تاريخ آھي، يا جيڪي سنڌ جا ننڍا وڏا ٻيا ٽڪر، بُٺيون ۽ جبل آھن، برساتي نئيون، ڍنڍون ڍورا ۽ ريگستان آھن، سنڌوءَ جا ڪپ ۽ سامونڊي ڪنارا آھن، ڪچي جي ٻيلا، زرخيز زمينون توڙي وارياسا پٽ آھن، اھي ڪروڙين سالن جي تاريخ آھن، اھي لکين انسانن جو اجھو آھن، اھي جانورن ۽ پکين جو گھر ۽ گذران آھن، اھي بايوڊائيورسٽي جا مرڪز آھن، اھي انسانن جي جياپي جو ذريعو آهن، انھن پھاڙن ۾ پاڻي گڏ ٿئي ٿو، اھو پاڻي نئين جي صورت ۾، وھڪرن، آبشارن، چشمن ۽ تلائن جي صورت ۾ ماڻھن توڙي جانورن کي جياپي لاءِ ڪم اچي ٿو. اھي قدرتي وسيلا، لينڊ اسڪيپس ۽ جاگرافيڪل سائيٽس اسانجي سولائيزيشن جا نشان آهن، اھي سنڌ جي ھزارين سالن جي اصلوڪن ماڻھن جي ڪلچر، اٿي ويٺي، روايتن، انڊيجينس لوڪ گيتن، ڪھاڻين ۽ داستانن جو حصو آھن، اھي مذھبي رواداري جو حصو آھن، ڪارونجهر جبل تي ھندو ۽ مسلمان ۽ ٻيا مذھبي ماڻھو وڃي عبادتون ڪندا آهن، ان کي ايڪسپلور ڪندا آهن، اتي دعائون گھرندا آھن. ان ڪري ڪارونجهر يا کيرٿر رڳو صرف پھاڙ ناھن، سنڌ جي تھذيب ۽ تقدس جا عظيم اھڃاڻ آھن. پيپلز پارٽي اقتدار ۽ پئسي جي بک ۾ سنڌ جي تھذيب، تاريخ تي حملا نه ڪري. اياز لطيف پليجي چيو تہ مالي وسيلن ۽ زميني ۽ معدنياتي وسيلن بابت سڄي دنيا ۾ طريقي ڪار آھي تہ جيڪي اُسريل ۽ ترقي يافتہ ملڪ آھن ۽ جيڪي ذھين ۽ دورانديش قومون آهن، اھي پنھنجا وسيلا استعمال ڪونہ ڪنديون آھن. اھي ريموٽ سينسنگ ذريعي ٻين جا وسيلا ڳولي، ايڪسپلور ڪري، اھي استعمال ڪندا آھن. جيئن آمريڪا ء روس وٽ بي پناه تيل ۽ گيس آهي، اھي پنھنجي تيل ۽ گيس جا ذخيرا بچايو رکيو ويٺا آهن ۽ عرب ملڪن ۽ نار جو تيل پيا استعمال ڪن تہ جيئن سندن قدرتي وسيلا ايندڙ نسلن لاءِ محفوظ ھجن. سائوٿ ايشيا ۾ بہ اھو رويو آھي ۽ پاڪستان ۾ بہ اھو رويو آھي تہ سنڌ جيڪا بي واھي ۽ ننڌڻڪي آهي، جنھنجا حڪمران واپاري آھن، ان جو پيٽرول، گيس، ڪوئلو، وسيلا، جزيرا، سمنڊ، گرينائيٽ، جپسم، ڪلي، ان جو سڀ ڪجھ ڪڍي وٺجي، ان جو رت چوسي ۽ ماس کائي وٺجي ۽ پوء ان کي ٺانٺو ڪري، ڍانچو ڪري، جيئن ڪماند جو جوس ڪڍي ڦوڳ اڇلائي ڇڏيو ويندو آهي، تئين سنڌ کي ڦوڳ بڻائي اڇلائي ڇڏجي، ان ڦوڳ بڻائڻ لاءِ پيٽرول، گيس، ڪوئلي تي ڌاڙي سان گڏ ھاڻي اربين، کربين روپين جي گرينائيٽ تي حملا ڪيا پيا وڃن. اياز لطيف پليجي چيو تہ اھو گرينائيٽ ڪو سنڌ حڪومت يا وفاقي حڪومت جو ڪونھي، اھو سنڌيءَ ماڻھن جو آھي ۽ ٿر جي رهواسين جو آھي، ٿر ۾ ماڻھو بکن سبب مرن پيا، مائون خودڪشيون پيون ڪن، ٻارن وٽ گرھ ماني جو ڪونھي، مائن جي ڇاتين ۾ کير ڪونھي جو ٻچا پين ۽ ان ساڳي ٿر جي کربين رپين جي ڪوئلي کان پوءِ ھاڻ گرينائيٽ تي واپاري حڪمران طبقن جو حملو جاري آھي