لاڙڪاڻو: رشيد وڳڻ ٿاڻي جي حد ۾ زنگيجا ڌرين ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙي بعد حملي ۾ پيءُ پٽ سميت 4 ڄڻا مارجي ويا

لاڙڪاڻو: رشيد وڳڻ ٿاڻي جي حد ۾ زنگيجا ڌرين ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙي بعد حملي ۾ پيءُ پٽ سميت 4 ڄڻا مارجي ويا

لاڙڪاڻو: رشيد وڳڻ ٿاڻي جي حد ۾ زنگيجا ڌرين ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙي بعد حملي ۾ پيءُ پٽ سميت 4 ڄڻا مارجي ويا

لاڙڪاڻو (بيورو) لاڙڪاڻي ڀرسان رشيد وڳڻ ٿاڻي جي حد ڳوٺ نائچ ۾ معمولي ڳالهه تان زنگيجا ذات جي ٻن ڌرين وچ ۾ فائرنگ ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڌر جي پيءُ پٽ سميت چار ڄڻا قتل ٿي ويا قتل ٿي ويل ۾ 46 ورهين جو شمن علي، سندس جو پٽ 28 ورهين جو شوڪت علي، 40 ورهين جو على حسن، 38 ورهين جو على اڪبر شامل آهن. اهڙي واقعي جي اطلاع تي پوليس پهچي لاش کڻائي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيا ويا ان موقعي تي قتل ٿي ويل جي وارثن عورت زرينا زنگيجو جو چوڻ هو ته گذريل رات ٻارڙن جي معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿيو جنهن کان پوءِ صبح جو مائٽ شبير، نذير، شهمير، مجاهد، سجاد زنگيجو وارن فائرنگ ڪري مڙس شمن، پٽ شوڪت، ڀائر علي حسن علي اڪبر کي گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا آهن.هن آء جي سنڌ ڊي آء جي ايس ايس پي لاڙڪاڻو کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي نوٽيس ڄاڻايل جوابدار کي گرفتار ڪري مڙس، پٽ ۽ڀائرن جي خون سان انصاف ڪيو وڃي.ايس ايس پي روحل کوسو جو نوٽيس وٺندي لاڳاپيل ٿاڻي جي حد شروعاتي جاچ موجب واقعو ٻارڙن وچم معمولي ڳالهه تان جهيڙي سبب پيش آيو آهي ٻنهي ڌرين جو تعلق هڪ ئي ڳوٺ ۽ هڪ ئي ذات سان آهي اطلاع ملڻ تي پوليس پهچي لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو واقعي ۾ ملوث وقار زنگيجو نالي هڪ جوابدار کي پوليس تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي جنهن جو اسپتال ۾ علاج هلندڙ آهي پوليس پاران پوسٽ مارٽم ڪرائڻ سميت وڌيڪ قانوني ڪارروايون جاري آهن ايس ايس پي پاران جوابدارن جي گرفتاري ۽ علائقي ۾ پوليس ڪيمپ قائم ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن.