ٽنڊوآدم ۾ ڪربلا جي شھيدن جي ياد ۾ مجلس عزا برپا، يا حسين جون صدائون بلند

ٽنڊوآدم ۾ ڪربلا جي شھيدن جي ياد ۾ مجلس عزا برپا، يا حسين جون صدائون بلند

ٽنڊوآدم ۾ ڪربلا جي شھيدن جي ياد ۾ مجلس عزا برپا، يا حسين جون صدائون بلند

ٽنڊوآدم (حسنين ساند) محرم الحرام جو چنڊ ڏسڻ بعد ئي سڄي دنيا جيان ٽنڊوآدم ۾ به هر طرف يا حسين يا حسين جون صدائون بلند ٿي ويون آهن، مجلسن سميت عزاداری ۽ ماتمداري جو سلسلو پڻ شروع ٿي ويو آهي. عزا خانہ زهرا جمن شاہ تي جاري عشري جي مجلس کي ناليواري عالم دين علامه ولي محمد چانڊيو خطاب ڪندي چيو تہ ڪربلا جو پيغام اسلام جي بقا جو پيغام آهي ڪربلا جي شهيدن جي شھادتن سبب اسلام اڄ دنيا ۾ پکڙيل آهي. ٻئي پاسي شھر جي مختلف پاڙن روڊن تي سبيلون لڳائڻ ۽ علم پاڪ تعزين کي سجائڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آھي جڏھن تہ ماتمي قافلو اڄ رات کان برآمد ڪيو ويندو ان سلسلي ۾ سيڪيورٽي نظام پڻ سخت ڪيو ويو آھي پوليس سان گڏ علمدار اسڪائوٽ گروپ، رضاڪار پڻ ڊيوٽيون سر انجام ڏئي رهيا آهن سيڪيورٽي نظام بھتر ڪرڻ لاءِ مختلف طريقن سان ھر چرپر تي نظر رکي پئي وڃي.