ٽنڊوآدم ۾ ٿھيم ڪالوني واسين جو پوليس خلاف احتجاج

ٽنڊوآدم ۾ ٿھيم ڪالوني واسين جو پوليس خلاف احتجاج

ٽنڊوآدم ۾ ٿھيم ڪالوني واسين جو پوليس خلاف احتجاج

ٽنڊو آدم (حسنين عاشق ساند) ٽنڊوآدم جي بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس پٽ تي ٿيل قاتلاڻي حملي ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪيس داخل نٿي ڪري، ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ هئڻ باوجود پوليس ڪيس داخل ڪرڻ لا۽ تيار ناھي، جوابدار موتمار ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن اھڙو اظھار ٽنڊوآدم جي بي سيڪشن جي حد ٿھيم ڪالوني جي رھواسي علي رضا ٿھيم پنھنجي والد علي نواز ٿھيم ۽ پٽ راشد علي ٿھيم سان گڏ ٽنڊوآدم ۾ پريس ڪانفرنس دوران ڪيو. ھن وڌيڪ چيو ته ويھ ڏينھن اڳ اسان جي ئي ٿھيم برادريءَ سان تعلق رکندڙ حجام جو ڪم ڪندڙ ھارون ولد غلام محمد ٿھيم ۽ جمشيد ولد غلام محمد ٿھيم ٻنھي ڀائرن گڏجي منھنجي پٽ راشد علي تي قاتلاڻو حملو ڪيو چاقن ۽ ڪينچين جا وار ڪري سخت زخمي ڪري وڌو، جنھن جي دانھن بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس کي ڏني، انھن ميڊيڪل ليٽر جاري ڪري علاج لا۽ تعلقا اسپتال موڪليو، جتان وري ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد منتقل ڪيو. اسان پوليس کي دانھن ڏني پوليس ھڪ شخص نالي غلام محمد ٿھيم کي گرفتار ڪيو پر وري کيس آزاد ڪري ڇڏيو، ھنن چيو تہ اسان ڊي ايس پي ٽنڊو آدم ڏي به ٻه ڀيرا وياسون پر ڪيس داخل نٿو ڪيو وڃي. حملو ڪندڙ اڃان تائين اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن ۽ چئي رھيا آھن ته اوھان جو ڇوڪرو اڃا جيئرو آھي؟. ھنن وزير اعلي سنڌ، آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي شهيد بينظيرآباد، ايس ايس پي سانگھڙ ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان مطالبو ڪيو آھي ته اسان جو ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي ۽ کين سخت کان سخت سزا ڏياري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.