فريدآباد واسي نوجوان ڪراچي ۾ بيدردي سان گوليون هڻي قتل، وارثن جو ڌرڻو

فريدآباد واسي نوجوان ڪراچي ۾ بيدردي سان گوليون هڻي قتل، وارثن جو ڌرڻو

فريدآباد واسي نوجوان ڪراچي ۾ بيدردي سان گوليون هڻي قتل، وارثن جو ڌرڻو

فريدآباد لڳ ڳوٺ خان جو ڳوٺ واسي نوجوان غلام شبير خاصخيلي ھڪ ڏينھن اڳ ڪراچي ۾ بيدردي سان گوليون هڻي قتل ڪيو ويو آهي مقتول جي وارثن منٺار خاصخيلي،صدام حسين خاصخيلي،عباس خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مقتول نوجوان غلام شبير خاصخيلي جو لاش فريدآباد ميھڙ مين روڊ خدابخش خاصخيلي ۾ رکي ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي ڪندي چيو ته اسان جي ڀاءُ غلام شبير کي اسان جي مخالفن ديدار ابڙو،ڏاڏو چانڊيو ۽ ٻين ڪراچي ۾ گلشن معمار واري علائقي ۾ گوليون هڻي بيدردي سان قتل ڪرايو آهي منٺار خاصخيلي وڌيڪ چيو ته تازو ٿيل عام اليڪشن دوران گوليون هڻي قتل ڪيل پٽ شاھنواز خاصخيلي ڪيس ۾ منھنجو ڀاء شاهد ھو جنھن کي ڪراچي ۾ ھڪ وڏي سازش تحت قتل ڪرايو ويو آهي. ھنن آء جي سنڌ ڊي آء جي حيدرآباد ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته واقعي جي اعلي سطح جي جانچ ڪري جوابدارن خلاف قتل ڪيس داخل ڪري نوجوان جي خون سان انصاف ڪيو وڃي