ٽنڊوآدم لڳ سوئي ڪندر شاخ ۾ وهنجندي نينگر ٻڏي فوت، لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو

ٽنڊوآدم لڳ سوئي ڪندر شاخ ۾ وهنجندي نينگر ٻڏي فوت، لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو

ٽنڊوآدم لڳ سوئي ڪندر شاخ ۾ وهنجندي نينگر ٻڏي فوت، لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو

ٽنڊوآدم ( حسنين علي ساند ) ٽنڊوآدم لڳ سوئي ڪندر شاخ ۾ وهنجندي 12 سالن جو نينگر ٻڏي فوت ٿي ويو لاش گهر پهچڻ تي قهرام مچي ويو رپوٽ موجب ٽنڊوآدم لڳ ڳوٺ حاجي ڪريم ڏنو ڪوري ۾ 12 سالن جو نينگر سڪندر علي پٽ رانجهڻ ڪوري سوئي ڪندر شاخ ۾ وهنجندي ٻڏي فوت ٿي ويو جيڪو ماء پيء جو اڪيلو پٽ هو جنهن جو لاش تعلقه اسپتال ۾ آندو ويو جتي ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي ضروري ڪاروائي بعد وارث لاش ڳوٺ کڻائي ويا لاش گهر پهچڻ تي قهرام مچي ويو وارثن موجب فوتي نينگر مال چارڻ ويو ۽ ڳوٺ جي ڀر مان وهندڙ سئي ڪندر شاخ ۾ وهنجڻ لاء لٿو ته ٻڏي ويو