English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
جنگشاھي ۽ ڀرپاسي پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ، رھواسي سخت تڪليفن کي منھن ڏيڻ تي مجبور
views
|
27th May 2024
•
سنڌي خبرون
جنگشاھي ۽ ڀرپاسي پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ، رھواسي سخت تڪليفن کي منھن ڏيڻ تي مجبور
ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي) جنگشاھي ۽ ان جي آسپاس جا رھواسي پيئڻ جي پاڻي کان محروم بڻيل، متاثر رھواسين جو احتجاج، پيئڻ جو پاڻي مھيا ڪري اڃ مرڻ کان بچائڻ جي گھر ڪري ڇڏي آھي، ان سلسلي ۾ جنگشاھي ۽ ان جي اسپاس جي متاثر ڳوٺن ڳوٺ ساجن خان جوکيو، ڳوٺ محمد ھاشم قلندراڻي جوکيو، ڳوٺ محمد صفر جوکيو، ڳوٺ محمد حسن پليجو، ڳوٺ منگر خان پليجو، ڳوٺ گل محمد جوکيو، ڳوٺ شفيع محمد جوکيو، ڪوڪڙي، ميگھواڙ پاڙي جي ڪيترن ئي رھواسين پاران کين پيئڻ جو پاڻي مھيا ڪرڻ لاء ھڪ احتجاجي مظاھرو ٺٽي ۾ سماجي اڳواڻ پير غلام حسين شاھ، ڪامريڊ محمد شفيق جوکيو، نويد جوکيو، شعبان سليم جوکيو، ملڪ نواز جوکيو جي اڳواڻي ۾ ڪري سخت نعريبازي ڪندي چيو تہ ھڪ طرف جنگشاھي ۾ بجلي بجلي جي جاري ڊگھي اڻ اعلانيہ لوڊشيڊنگ ڪري بجلي تي ھلندڙ واٽر سپلاء بجلي نہ ھجڻ ڪري شھرين کي پيئڻ جو پاڻي نصيب نٿو ٿئي تہ ٻئي طرف کين ڪي ڊي اي واھ مان 18 ڪروڙ روپين جي لاڳت سان منظور ٿيل سولر سسٽم واري اسڪيم بہ چالو ٿي ناھي سگھي، جنھن ڪري جنگشاھي جي آسپاس جا رھواسي پيئڻ جي پاڻي کان محروم بڻجي پاڻي خريدڻ ۽ پري پري کان اڻڻ تي مجبور بڻيل آھن، پر ھن طرف ضلعي انتظاميہ سميت چونڊيل نمائندہ بہ ڪو ڌيان ڏيڻ لاء تيار ناھن. ھنن گھر ڪئي تہ سندن ڳوٺن ۾ پاڻي جون لائينون وڇائي کين پيئڻ جو پاڻي مھيا ڪري اڃ مرڻ کان بچايو وڃي، ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
15th Oct 2025
•
تازہ ترین
لاڑکانہ: گھریلو ناچاقی پر نوجوان خاتون شوہر کے ہاتھوں قتل، ملزم گرفتار
15th Oct 2025
•
تازہ ترین
پیپلز پارٹی کے سینئر رہنما اور سندھ اسمبلی کے سابق اسپیکر آغا سراج درانی 72 برس کی عمر میں انتقال کر گئے
15th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ جو ناميارو صحافي شبير بيدار ڀٽو
15th Oct 2025
•
تازہ ترین
پاکستان کی افغانستان کے اندر فوجی ٹھکانوں پر حملے، فتنے ہندستان کے مرکز کو نشانہ بنایا گیا
15th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
پنوعاقل ۾ 11گهرڀاتين جي قتل ڪيس ۾ جوابدار پيءُ پٽ کي سزا، 3 ڄڻا بري
15th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
پريالوءِ: ڪچي ۾ هٿياربندن هٿان 2 نوجوان قتل، سندن گهرن ۾ ڪهرام متل
15th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
افغان بستي ڊاهڻ لاءِ آپريشن، 300 گهر ڊاهي پٽ، ڇڪتاڻ، 5 ڄڻا گرفتار
15th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڊي سي ٺٽو پاران مختلف يونين ڪائونسلن جا دورا، پوليو مهم جي ڪارڪردگي جو جائزو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ٺٽو
جنگشاھي
پيئڻ جو پاڻي
0 تبصرے