نوشھروفيروز ۾ ڳوٺ رمضان موروجو واسي عورتن جو ٻارڙن سميت بااثرن خلاف احتجاجي مظاھرو

نوشھروفيروز ۾ ڳوٺ رمضان موروجو واسي عورتن جو ٻارڙن سميت بااثرن خلاف احتجاجي مظاھرو

نوشھروفيروز ۾ ڳوٺ رمضان موروجو واسي عورتن جو ٻارڙن سميت بااثرن خلاف احتجاجي مظاھرو

نوشهرو فيروز (ڊر)نوشهروفيروز ۾ ڳوٺ رمضان موروجو جي رهواسي عورتن جو بااثر ماڻهن ۽ پوليس جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو عورتن آمنا، صغرا، نوران ۽ ڄامل موروجو پوليس جي خلاف نعري بازي پڻ ڪئي ان موقعي تي عورت آمنا موروجو ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو ته ڏيرن غلام مصطفا، غلام قادر. غلام شبير، رتو ، غلام رسول موروجو وارن پنهنجي پٽن سان گڏ منهنجي مڙس محمد اقبال موروجو کي ملڪيت انشورنس جي پئسن جي معاملي تان فائرنگ ڪري ٻه مهينا اڳ قتل ڪيو ۽ ان جي خون جو الزام منهنجي ڀائرن تي هڻي انهن کي بيگناهه ڦاسايو آهي جيڪا منھنجي ڀائرن سان وڏي ناانصافي آهي هن ڃيو ته دريا خان مري پوليس منهنجي مڙس جي قاتلن سان ملي ڪري منهنجي ڀائرن نعيم، ظفر وارن کي قتل ڪيس ۾ ڦاسائي ظلم ڪيو آهي جن کان پوليس لکين روپيا رشوت ورتي آهي هن چيو ته منهنجي مڙس کي ماري ان جي ملڪيت تي قبضو ڪرڻ بعد مينهون، ٽريڪٽر به ڏير ڪاهي ويا آهن پر پوليس انصاف ڪرڻ بجاء ڏيرن جي ونگارو بڻيل آهي هن مطالبو ڪيو ته معامري جي جاچ ڪري مڙس جا اصل قاتل گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي