سنڌ جي مختلف شهرن ۾ صحافين نصراللھ گڏاڻي جي قتل ۽ حيدر مستوئي تي حملي خلاف مظاهرا

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ صحافين نصراللھ گڏاڻي جي قتل ۽ حيدر مستوئي تي حملي خلاف مظاهرا

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ صحافين نصراللھ گڏاڻي جي قتل ۽ حيدر مستوئي تي حملي خلاف مظاهرا

سکر/ گھوٽڪي/ مورو/ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ صحافين نصراللھ گڏاڻي جي قتل ۽ حيدر مستوئي تي حملي خلاف مظاهرا ڪيا ويا، سکر، مورو، راڻيپور، شهدادڪوٽ، گمبٽ، ڪنڌرا، ڪنب، ٺري ميرواهه سميت مختلف شهرن ۾ مظاھرا ڪيا ويا، مظاھرين جو چوڻ ھو تھ حيدر مستوئي تي قاتلاڻي حملي جي سخت مذمت ڪريون ٿا،جوابدارن کي بنا دير گرفتار ڪيو وڃي صحافين جان محمد مهر ۽ نصرالله گڏاڻي جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچاي وڃي، مورو م شھيد صحافي نصر اللہ گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري بيگناهه قتل خلاف پوري سنڌ جيان مورو جي صحافين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن جي اڳواڻي صحافي جاني جماڻي صحافي ظفر پنهور صحافي تيمور راجپوت صحافي عارف يوسفزئي صحافي منظور لغاري صحافي رفيق راهو ۽ ٻيا ڪري رھيا ھئا. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ڌرتي قلمڪارن لاءِ مقتل گاهه بڻجي چڪي آهي جتي حق ۽ سچ جي ڳالهه ڪرڻ واري کي سرعام ماريو وڃي ٿو. صحافي نصرالله گڏاڻي کي به حق ۽ سچ لکڻ جي سزا ملي ۽ ان کي به سرعام گوليون ھڻي موت جي ننڊ سمهاريو ويو. هنن چيو ته شهيد صحافي جي قتل ۾ ملوث بااثرن ۽ قاتلن کي سزا ڏني وڃي . هنن چيف جسٽس سنڌ ھاءِ ڪورٽ سنڌ حڪومت، آء جي سنڌ سميت سڀني اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪندي چيو ته شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي قاتلن کي گرفتار ڪري موت جي سزا ڏئي صحافين سنڌ جي شعور کي تحفظ ڏئي سنڌ جي شعور ۾ ڦهليل بيچيني ختم ڪئي وڃي. ڪنب ۾ صحافي حيدر مستوئي تي ٿيل حملي ۽ شھيد صحافي نصر الله جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف ڪنب ۾ صحافين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، سکر يونين آف جرنلسٽ جي سڏ تي ڪنب ۾ صحافين پاران احمد رند سانول ڳاھو ذاڪر تمراڻي ھمت علي ۽ ٻين پاران ريلي ڪڍي اولڊنيشنل ھاء وي تي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو اڳواڻن جو چوڻ ھو تھ صحافين کي ھيسايو پيو وڃي حق سچ لکڻ تي صحافي نصر الله گڏاڻي کي شھيد ڪيو ويو جنھن جي قتل جا جوابدار گرفتار ناھن ٿي سگھيا، صحافي حيدر مستوئي کي روھڙي لڳ ٽارگيٽ ڪري گوليون ھڻي زخمي ڪيو ويو آهي صحافين تي ٿيندڙ حملا ناقابل برداشت آھن اھڙين ڪريل حرڪتن سان حق سچ لکڻ کان روڪي نه ٿو سگهجي، ٺري ميرواھ ۾ ميرپور ماٿيلي جي صحافي شهيد نصر الله گڏاڻي جا قاتل گرفتار نه ڪرڻ واري عمل ٺري ميرواھ جي شھر سوئي گئس۾ سول سوسائٽي ۽ صحافين پاران مھراڻ ھائي وي تي ريلي ڪڍي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو ، قلم ڌڻين ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن صوفي ياسين راڄپر , حسين بخش ڪٻر , علي مردان شر فدا شر ۽ ٻين چيو ته صحافي نصرالله گڏاڻي جو قتل سڄي سنڌ جي شعور جو قتل آهي سنڌ م ھر روز صحافين مٿان قاتلاڻا حملا ٿي رھيا آھن قانون جي حڪمراني ختم ٿي ختم ٿي چڪي آھي لاقانونيت ھرروز وڌندي پئي وڃي گمبٽ ۾ شهيد صحافين نصرالله گڏاڻي ،جان محمد مهر جي قاتلن ۽ حيدر مستوئي تي حملو ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاء صحافين سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن پاران پريس ڪلب گمبٽ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، اڳواڻن جو چوڻ ھو تھ شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي ۽ شهيد صحافي جان محمد مهر کي بي گناھ قتل ڪيو ويو آهي. شهيد صحافي مظلوم ماڻهن جو آواز هئا، پوليس هن وقت تائين قاتل گرفتار نه ڪري سگهي آهي.ٻٻرلو جي نوجوان صحافي حيدر مستوئي تي بنا جواز حملو ڪري گوليون هڻي زخمي ڪيو آهي جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. احتجاج ڪندڙ صحافين شهرين مطالبو ڪيو ته صحافين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو. راڻيپور ۾ ٻٻرلو جي صحافي حيدر مستوئي مٿان نامعلوم موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن پاران فائرنگ ڪري زخمي ڪرڻ واري عمل خلاف يونين آف جنرلسٽس صوڀوديرو پاران ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو جنهن جي اڳواڻي اڪبر شاهاڻي قربان علي منگي بلاول سهتو حاڪم جوکيو ڪري رهيا هيا مظاھرين جو چوڻ ھو تھ حق سچ لکندڙ صحافين مٿان حملا ڪندڙ بزدل آهن صحافين سدائين حق سچ لکيو آهي جان محمد مهر نصرالله گڏاڻي کي شھيد ڪيو ويو هاڻي حيدر مستوئي تي گوليون هڻي زخمي ڪيو ويو صحافي حيدر مستوئي مٿان سچيون خبرون لکڻ تي بزدلن حملو ڪري پنھنجي اوقات ڏيکاري آهي سنڌ جي صحافين هميشه حق سچ جي صحافت ڪئي آهي صحافين مٿان حملو ڪري هيسايو وڃي ٿو هڪ سازش تحت صحافين مٿان حملا ڪيا پيا وڃن شهيد جان محمد مهر ۽ شهيد نصرالله گڏاڻي سميت صحافي حيدر مستوئي مٿان حملو ڪندڙن کي گرفتار ڪري صحافين مان بيچيني ختم ڪئي وڃي ڪوٽڙي محمد ڪبير ۾ قلم ڌڻين پاران شھيد نصر الله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاء احتجاج ڪيو, نوشھروفيروز صحافي اتحاد تعلقو محرابپور۽ پريس ڪلب ڪوٽڙي ڪبير پاران ميرپور ماٿيلوجي سينئر۽ بيباڪ صحافي شھيد نصر الله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاء پريس ڪلب ڪوٽڙي ڪبير اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي جڏهن ت احتجاج ۾ سينئر صحافي سيد جاني شاھ, قاضي اياز عالم, عبدالرزاق لاشاري, محسن ملاح, اقبال گاڏھي, آصف سيال, شيرل راڄپر, ارجن داس, ڪامريڊ ولايت حسين نوناري, بابر جوڳي , غلام اصغر ھليو,عرفان سھتو, سيدذيشان عباس شاھ , مسعود احمد سھتو, تاج محمد رند, رياض گوندل, مدد رند,ٻين پڻ وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي,ان موقعي تي خطاب ڪندي قلم ڌڻين چيو ت شھيد نصر الله گڏاڻي کي حق سچ لکڻ جي ڪري شھيد ڪيو ويو نصر الله گڏاڻي ھڪ بيباڪ صحافي ھو جنهن ھميشہ ڀوتارن کي للڪاريو، ھن ھميشہ سرداري ڪرپٽ نظام خلاف جنگ ڪئي، قلم ڌڻين صوبائي گهرو وزير سميت، آء جي سنڌ سميت ٻين تمام وس وارن کي پرزور مطالبو ڪيو ته شهيد صحافي نصر الله گڏاڻي، جي خون ۾ ملوث جوابدارن کي فوري گرفتار ڪري عبرتناڪ سزائون ڏنيون وڃن ن ته ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو، شھدادڪوٽ ۾ سنڌ پريس ڪلب جي صحافين پاران صحافي حيدر مستوئي مٿان موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن پاران فائرنگ ڪري زخمي ڪرڻ واري عمل خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري جلد جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو آهي . ان موقعي تي صحافين ايم اسحاق بوزدار ذوالفقار علي سيلرو زيب سنڌي نعمان غوري يونس بوزدار طارق علي سيلرو سميت ٻين ميڊيا سان ڳالهيندي چيو آهي ته حق سچ لکندڙ صحافين مٿان حملا ڪندڙ بزدل آهن صحافين سدائين حق سچ لکيو آهي جان محمد مهر نصرالله گڏاڻي کي شھيد ڪيو ويو هاڻي حيدر مستوئي کي گوليون هڻي زخمي ڪيو ويو آهي سنڌ جي صحافين هميشه حق سچ جي صحافت ڪئي آهي صحافين مٿان حملو ڪري هيسايو وڃي ٿو هڪ سازش تحت صحافين مٿان حملا ڪيا پيا وڃن سنڌ صحافين لاء مقتل گاھ بڻجي ويو آهي اھو ڏينهن خالي نه آهي جنهن ڏينهن تي سنڌ جي ڪنهن ڪنهن شھر جي صحافي کي گوليون ھڻي شھيد ڪري ۽ زخمي ڪيو وڃي ٿو اھڙي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا . شهيد جان محمد مهر ۽ شهيد نصرالله گڏاڻي سميت صحافي حيدر مستوئي مٿان حملو ڪندڙ جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري صحافين ۽ سنڌ جي شعور ۾ پکڙيل بيچيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو .ڪنڌرا ۾ ٻٻرلوءِ پريس ڪلب جي سيڪريٽري جنرل نوجوان صحافي حيدر مستوئي نامعلوم ھٿياربندن جي حملي ۾ زخمي ٿيڻ واري واقعي خلاف ڪنڌرا پريس ڪلب اڳيان صحافي عبدالحق جاگيراڻي فقير صالح ڪانڌڙو ، محبت راڄپر ظهير ڌاريجو سميت ٻين صحافين ۽ شھرين احتجاجي مظاھرو ڪيو ان موقعي تي ھنن چيو آھي تہ سنڌ اندر صحافين جي لاء ڌرتي تنگ ڪئي پئي وڃي اڃان تائين شھيد صحافي جان مھر۽، شھيد صحافي نصراللہ گڏاڻي جا قاتل گرفتار ناھن ٿي سگھيا مٿان وري ھي ٻيو واقعو پيش آيو آھي اسين وقت جي حڪمرانن کان مطالبو ٿا ڪريون تہ صحافين جي قتل ۾ ملوث ٻٻرلوءِ جي صحافي مٿان حملي ۾ ملوث جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري سنڌ جي سمورن صحافين کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو، گهوٽڪي ۾ شهيد ٿي ويل نصرالله گڏاڻي جي قتلن جي گرفتاري لاء سنڌ جي تاريخي ماڳ مومل جي ماڙي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو, مختلف سياسي سماجي اڳواڻن يونس ڀٽو احسان ڪلادي سراج ڀٽو مير محمد سومرو عبدالحئي ڀٽو شاھ خالد هدايت الله ڪلادي سليم بوزدار محمد يوسف ڀٽو علي حسن منگي سڪندر ڪڪڙو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته شهيد نصرالله گڏاڻي هميشه حق ۽ سچ جي ڳالھ ڪئي هن ڀوتارڪي نظام خلاف پوري ضلعي اندر مهم شروع ڪئي جنهن ڪري ڀوتارن ڪيترا ڀيرا جيل موڪليو پر هن پنهنجي جدوجهد جاري رکي هنن چيو ته شهيد نصرالله گڏاڻي جي قتل کي هڪ هفتو گذري ويو آهي پر قاتل گرفتار ناهن ٿي سگهيا جيڪا گهوٽڪي پوليس جي ناڪامي آهي,ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن چيف جسٽس سنڌ سرڪار ۽ آء جي سنڌ کان گهر ڪئي ته فوري طور شهيد نصرالله گڏاڻي جا قاتل ۽ سهولتڪار گرفتار ڪيا وڃن ٻئي صورت ۾ پوري ملڪ اندر ڀرپور احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي، سکر۾ صحافي حيدر مستوئي مٿان قاتلانہ حملو ڪندڙن جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو مظاهرين صحافي حيدر مستوئي مٿان حملو ڪندڙن کي گرفتار ڪريو، صحافين کي تحفظ ڏيو جي نعريبازي ڪئي شهيد جان محمد مهر، شھيد نصرالله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ به صحافين زوردار نعريبازي ڪئي.