نوشھروفيروز ۾ آبادگارن جو بارداڻو نھ ملڻ تي فوڊ عملدارن خلاف احتجاجي مظاھرو

نوشھروفيروز ۾ آبادگارن جو بارداڻو نھ ملڻ تي فوڊ عملدارن خلاف احتجاجي مظاھرو

نوشھروفيروز ۾ آبادگارن جو بارداڻو نھ ملڻ تي فوڊ عملدارن خلاف احتجاجي مظاھرو

نوشهروفيروز(ڊ ر) خوراڪ کاتي نوشهروفيروز جي ڊي ايف سي پاران مختلف واپارين کي 10 ڪروڙ جي رقم ۽ لکين بارداڻي جون ٻوريون ڏيڻ جو انڪشاف في ٻوري تي 8 سوءُ کان 1 هزار رپيا ڪميشن مقرر ڊي ايف سي وسيم جمالي ڪورٽ جي حڪم باوجود آبادگارن کي بارداڻو ڏيڻ بجاءِ آفيس کي تالا هڻي غائب ٿي ويو آبادگارن پاران گدا حسين خاصخيلي ،گل شير سيال،گلبهارمري ، مشتاق سولنگي ، آصف قريشي ،محمود ٽڳڙ،علي نواز جهنڊير ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ خوراڪ کاتي نوشهروفيروز جي ڊي ايف سي وسيم جمالي فوڊ انسپيڪٽر شوڪت آرائين،، الطاف ڪيريو، الهڏنوميمڻ، نبي بخش لغاري خلاف احتجاجي مظاهرو ڪرڻ کان پوءِ داهيندي چيو آهي ته ضلعي جي سمورن خريداري سينٽرن تان مختلف واپارين کي لکين ٻوريون بارداڻو ڏيڻ جو الزام هڻندي ٻڌايو آهي. ته سمورا خريداري سينٽر صرف 4 فوڊ انسپيڪٽر حوالي ڪري ڇڏيا آهن جن ڊي ايف سي وسيم جمالي جي چوڻ تي مختلف واپارين کي 10 ڪروڙ رپين جا ايڊوانس بل جاري ڪرڻ سان گڏ لکين بارداڻي جون سرڪاري ٻوريون ڏئي ڇڏيون آهن جنهن ڪري واپاري آبادگارن کان سڄي ضلعي اندر 7هزارن کان 8 هزار تائين ڪڻڪ جي ٻوري خريد ڪري رهيا آهن جڏهن ته سنڌ حڪومت ڪڻڪ جي ٻوري جو سرڪاري اگهه 10 هزار مقرر ڪيو آهي پر خوراڪ کاتي جا ڪرپٽ ڪامورا ان جو فائدو ننڍن آبادگارن کي ڏيڻ بجاءِ ڪجهه واپارين کي ڏئي انهن سان ملي ڪروڙن جي ڪرپشن ڪري رهيا آهن ۽ فوڊ انسپيڪٽر خريداري سينٽرن تي ويهڻ جي لاءِ تيار ناهي جنهن ڪري آبادگار روزانو ڊي ايف سي فوڊ وسيم جمالي جي آفيس اچن ٿا جيڪو پڻ آفيس ۾ ويهڻ جي لاءِ تيار ناهي جنهن ڪري واپاري ۽ خوراڪ کاتي جا ڪرپٽ آفيسر پاڻ ۾ ملي آبادگار ن جو معاشي قتل ڪري رهيا آهن اسان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کان مصالبو ٿا ڪيون ته خوراڪ کاتي نوشهروفيروز اندر هن وقت تازو خريداري جي سلسلي دوران ٿيندڙ ڪروڙن جي ڪرپشن جي جاچ ڪرائي هن ۾ ملوث آفيسرن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ٻئي صورت ۾ اسان جو احتجاج جاري رهندو