ڳڙھي ياسين ۾ مھر مارفاڻي تڪرار تان ھٿياربندن جي فائرنگ ھڪ واٽھڙو سميت 3 ڄڻا مارجي ويا

ڳڙھي ياسين ۾ مھر مارفاڻي تڪرار تان ھٿياربندن جي فائرنگ ھڪ واٽھڙو سميت 3 ڄڻا مارجي ويا

ڳڙھي ياسين ۾ مھر مارفاڻي تڪرار تان ھٿياربندن جي فائرنگ ھڪ واٽھڙو سميت 3 ڄڻا مارجي ويا

ڳڙھي ياسين ۾ مھر مارفاڻي تڪرار تان ھٿياربندن جي فائرنگ ھڪ واٽھڙو سميت 3 ڄڻا مارجي ويا، مھر ۽ مارفاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ھلندڙ خوني تڪرار تان مھر ڌر جي موٽرسائيڪل سوار ھٿياربندن شھر جي ڊکڻ ناڪه تي مارفاڻي برادري جي ماڻھن مٿان فائرنگ ڪري ڏني گوليون لڳڻ سبب آصف مارفاڻي . محمد علي مارفاڻي سميت ھڪ واٽھڙو سعيد جمالي ٿڏي تي مارجي ويا .اطلاع تي پوليس مارجي ويلن جا لاش کڻآئي اسپتال آنده ڳڙهي ياسين ٿاڻي جي حد ۾ مهر ۽ مارفاڻي ذات جي ٻن ڌرين وچم پراڻي تڪرار تان ٽن ڄڻن جي قتل ۽ هڪ زخمي ٿيڻ واري معاملي جو ڊي آءِ جي ناصر آفتاب پٺاڻ نوٽيس وٺندي ايس ايس شڪارپور سان رابطو ڪري واقعي واري هنڌ وڌيڪ پوليس نفري موڪلڻ ۽ جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن ڳڙهي ياسين ٿاڻي جي حد ۾ مهر ۽ مارفاڻي ذات جي ٻن ڌرين وچم پراڻي تڪرار تان فائرنگ جي نتيجي ۾ 25 ورهين جو آصف مارفاڻي 27 ورهين جو محمد علي مارفاڻي واٽهڙو سعيد احمد جمالي قتل ٿي ويا ۽ غلام شبير ميمڻ زخمي ٿي پيو ان حوالي سان ڊي آء جي ناصر آفتاب پٺاڻ سختي سان نوٽيس وٺندي قتل ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي