ايم اين اي اياز علي شاھھ پاران خواجه اسماعيلي برادري جي گھرن تي پوليس چڙھائي جي مذمت

ايم اين اي اياز علي شاھھ پاران خواجه اسماعيلي برادري جي گھرن تي پوليس چڙھائي جي مذمت

ايم اين اي اياز علي شاھھ پاران خواجه اسماعيلي برادري جي گھرن تي پوليس چڙھائي جي مذمت

سجاول (گلشيرميربحر) خواجه اسماعيلي برادري پڙھيل لکيل واپاري نوڪري پيشه شريف شھري آھن ور شھر ۾ انھن جي محلي تي ڌاڙيلن جيئان ٻن ضلعن جي پوليس جي ٻٽ ٻڌل ماڻھن جي چڙهائي سي سي ٽي وي ڪئميرائون ٽوڙڻ افسوسناڪ عمل آھي، پ پ پ ايم اين اي سيد اياز علي شاهه شيرازي ور شھر ۾ پوليس جي اھڙي ڪاروائي کي انتهائي افسوس ۽ نامناسب عمل ڪوٺيندي مذمت ڪندي چيو آهي ته اهو عمل شريف ماڻھن کي ھيسائڻ واري پوليس جي ڪڙي آهي ,پوليس اھڙن ماڻھن تي ڪاروائي ڪري پوء چوندي آهي ته اھو واقعو غلط اطلاع جي ڪري ٿيو آهي ان دوران معزز برادريءَ سان جيڪو ڪجهه ڪيو ويو عورتن ٻارڙن ، وڏي عمر جي ماڻھن کي ھيسايو ويو ان جو ازالو ڪير ڪندو, وزير اعلا سنڌ سيد مراد علي شاهه ور شھر ۾ پوليس گردي جو فورن نوٽيس وٺي ملوث عملدارن تي فورن سخت قدم کڻي ,سيد اياز علي شاهه شيرازي چيو ته پوليس جو منشيات فروشن ۽ ڏوھارين خلاف شروع ڪيل آپريشن جي ڪي خاطر خواه نتيجا نظر نہ اچي رھيا آھن جيڪو پڻ سواليه نشان آھي ,ان ڪري پوليس کي سوشل ميڊِيا ۽ سول سوسائٽي جي معززين جا بيان پڙھڻ گھرجن جن ۾ ھيستائين پئسن ڪمائڻ جي ڪوبه مثبت ردعمل نظر نہ اچي رھيو آھي قومي اسيمبليءَ ميمبر سيد اياز علي شاهه شيرازي وزير اعلا سنڌ سميت وس وارن کان مطالبو ڪندي چيو آهي ته ان واقعي جو فورن نوٽيس ورتو وڃي ٺٽي ۾ منشيات فروشن ۽ ڏوھارين خلاف ھلندڙ دوستاڻي آپريشن جو نوٽس ورتو وڃي ۽ ور شھر ۾ خواجه اسماعيلي برادريءَ سان ڪيل ڏاڍئي جو فورن سخت نوٽيس وٺي ملوث عملدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ھن اسماعيلي برادريءَ کي يقين ڏياريو ته اوهان اڪيلا نه آھيو اسان اوھان سان ھر گھڙي ۾ گڏ آھيون