نيشنل ڊس ايبلٽي اينڊ ڊولپمينٽ فورم جا اڳواڻ مبينا آپگھات ڪندڙ خديجا نصرت جي وارثن وٽ پھتا

نيشنل ڊس ايبلٽي اينڊ ڊولپمينٽ فورم جا اڳواڻ مبينا آپگھات ڪندڙ خديجا نصرت جي وارثن وٽ پھتا

نيشنل ڊس ايبلٽي اينڊ ڊولپمينٽ فورم جا اڳواڻ مبينا آپگھات ڪندڙ خديجا نصرت جي وارثن وٽ پھتا

هالا (رپورٽر) معذورن جي نمائندا تنظيم نيشنل ڊس ايبلٽي اينڊ ڊولپمينٽ فورم پاڪستان جي صدر عابد لاشاري، پروجيڪٽ مينيجر طارق علي چنڙ ۽ معذورن جي لاءِ ڪم ڪندڙ سنڌ جي نالي واري سماجي اڳواڻ سلمان علي لغاري هالا ۾ ڪجھ ڏينھن اڳ خودڪشي ڪندڙ معذور نياڻي خديجہ نصرت جي وارثن وٽ پهچي تعزيت ڪئي ان موقعي تي اين ڊي ايف جي مرڪزي صدر عابد علي لاشاري وارثن کي هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي ۽ سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو تہ نياڻي جي خودڪشي واري واقعي جي صاف شفاف انڪوائري ڪئي وڃي ۽ وارثن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي ان موقعي تي عابد علي لاشاري جو چوڻ هو تہ سنڌ حڪومت کي معذورن جي تضحیڪ کي روڪڻ لاءِ جامع قانون سازي ڪرڻ گهرجي تہ جيئن مستقبل ۾ اهڙي قسم جي واقعن کي روڪي سگهجي.