پريا ڪماري کي بازياب ڪرايو، سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سنڌي ادبي سنگت ۽ ٻين تنظيمن جا مظاهرا

پريا ڪماري کي بازياب ڪرايو، سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سنڌي ادبي سنگت ۽ ٻين تنظيمن جا مظاهرا

پريا ڪماري کي بازياب ڪرايو، سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سنڌي ادبي سنگت ۽ ٻين تنظيمن جا مظاهرا

ڪراچي (رپورٽرز وٽان) سنڌ جي نياڻي پريا ڪماري کي بازياب ڪرايو، ڪراچي سميت مختلف شهرن ۾ سياسي سماجي ڌرين جا مظاهرا ڪيا ويا، خيرپور، ٺل، نوشھروفيروز، باڊهه، اڏيرو لال، چيلهار، ڄام صاحب، اڪري چودڳي، پليجاڻي، سٺ ميل ۽ قاضي احمد، جيڪب آباد، قمبر، سانگهڙ، پنوعاقل، شاهپور چاڪر ۽ ٻين شهرن ۾ به مظاھرا ڪيا ويا، ٺل ۾ سنگرار مان اغوا ٿيل معصوم پريا ڪماري جي بازيابي لاء سنڌي ادبي سنگت ۽ مختلف سياسي پارٽين پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، هندو برادري ۽ اديبن ۽ شاعرن پاران ميونسپل ڪاميٽي کان احتجاجي ريلي ڪڍي سکر پوليس خلاف نعريبازي ڪئي، سنڌي ادبي سنگت شاخ قمبر طرفان معصوم نياڻي پريا ڪماري جي بازيابي لاء پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي بشير احمد آچو.قمرالدين قمر.بشير لاکو ۽ ٻين جو چوڻ هيو تہ هن رياست جي وجود کان وٺي اڄ تائين ڪڏھن بہ قانون جي عملداري قائم ٿي نہ سگهي آھي جنهن ڪري عوام ٻٽي عذاب ۾ آھي اسان جا ٻارڙا بہ ظالمن کان محفوظ نہ آھن نياڻي پريا ڪماري 3 سالن کان قيد بڻيل آھي پرقانون ڏوهارين اڳيان بي وس بڻيل آھي هنن مطالبو ڪيو تہ پريا ڪماري کي بازياب ڪرائي امن امان بحال ڪرايو وڃي واهي پانڌي سنڌي ادبي سنگت سنڌ مرڪز جي سڏ تي سنڌ جي نياڻي پرياڪماري جي بازيابي لاءِ سنڌي ادبي سنگت شاخ واهي پانڌي پاران سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت شاخ واهي پانڌي وفا عنايت رستماڻي، باغي بشير برهماڻي، گلزار تبسم ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي اديبن شاعرن چيو ته معصوم پريا ڪماري سنڌ جي نياڻي آهي پريا ڪماري کي بي گناھ اغوا ڪري قيد ڪرڻ ڪٿان جو انصاف آهي هنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪندي چيو ته معصوم نياڻي پريا ڪماري کي فوري طور بازياب ڪرائي سنڌ ۾ بگڙجندڙ امن امان تي ظابطو آندو وڃي ڪڪڙ معصوم پريا ڪماري جي بازيابي لاء ڪڪڙ ۾ ساس طرفان پريس ڪلب ڪڪڙ اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو سنڌي ادبي سنگت ڪڪڙ شاخ پاران مرڪز جي سڏ تي معصوم پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ سيڪريٽري سيد نثار علي شاھ ، ڊاڪٽر عبدالرحيم ساريو ، مارو جمالي ، اسدالله چانڊيو ، نظام چانڊيو سميت ٻين اڳواڻن پاران احتجاجي مظاھرو ڪندي سندس بازيابي جو مطالبو ڪيو آھي احتجاج ڪندڙن چيو آھي ته پريا ڪماري جيڪا سبيل لڳائي ظلم خلاف مظومن سان گڏ بيٺل هئي پر وقت جا يزيد معصوم نياڻي کي کنڀي کڻي اغوا ڪري ويا جيڪي ڪيترن سالن کان بااثر ڌرين وٽ قيد ۾ آھي جيڪا اڃا تائين بازياب ن ٿي سگھي آھي سندس بازيابي لاء سنڌ سرڪار عوام توڙي وارثن کي ڪوڙا دلاسا ڏئي خاموش ڪرايو آھي پوليس جي ڪاميٽي ب ڪو ٻوٽو ن ٻاريو آھي جنھن سڄي سنڌ معصوم پريا ڪماري جي بازيابي لاء سراپا احتجاج ۽ يڪجھتي طور وارثن سان گڏ بيٺل آھي پر حڪمرانن کي ڪن تي جون ب نٿي چري اڳواڻن وڌيڪ چيو ت معصوم پريا ڪماري کي اغوا ڪندڙ ۽ سندن سهولتڪار قانون کان به ڏاڍا آهن جو اڃان تائين اهي قانون جي پڪڙ کان آجا آهن احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارن کان معصوم پريا ڪماري کي جلد بازياب ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو، سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سڏ تي سنڌي ادبي سنگت شاخ نوشهروفيروز ۽ ابڙان پاران پريس ڪلب نوشهروفيروز آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن زاھد راڄپر، مظھر خاصخيلي، محرم چنه، مرتضي تڳر، سھيل احمد منگي، خادم حسين مري، ارباب ملاح، نور راڄپر، ذوالفقار راڄپر، سعيد خاصخيلي، اقبال راڄپر ۽ ٻين چيو ته سنڌ ۾ وحشت جو راڄ قائم آھي جنھن سبب ٽي سال ٿيڻ وارا آھن پر ان باوجود به پريا ڪماري کي بازياب نه ٿو ڪرايو وڃي. ھنن چيو ته ڏوھاري ماڻھو رياست کان ڏاڍا ٿي ويا آھن جنھن ڪري رياست پنھنجي ٻچڙن جو تحفظ ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام وئي آھي. ھنن چيو ته معصوم نياڻي پريا ڪماري کي بازياب ڪرايو وڃي ۽ ملوث ڪردارن کي وائکو ڪيو وڃي. سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي سڏ تي سنڌي ادبي سنگت سانگهڙ شاخ پاران پريس ڪلب سانگهڙ آڏو سنڌ جي معصوم نياڻي پريا ڪُماري جي آزادي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي پريس ترجمان مير حسن مري، سانگھڙ شاخ جي سيڪريٽري امر لغاري سميت عاجز منگي، استاد نظاماڻي، عظيم رونجهو، قاسم عادل لغاري، ايس ٽي پي جي جبار جوڻيجو ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته پريا ڪُماري سنڌ جي نياڻي آهي. اسان سڀ چڱي طرح ڄاڻون ٿا ته پريا ڪُماري ڪنهن وٽ قيد آهي. پريا جي آزاديءَ لاءِ سموري سنڌ سراپا احتجاج آهي سندس ماءُ سخت پريشان آهي ۽ حڪومتي ڌرين تي ڪو اثر ئي نه ٿو ٿئي. اسان مطالبو ٿا ڪيون ٿا پريا ڪُماري کي جلد آزاد ڪيو وڃي. احتجاجي مظاهري ۾ عوامي ورڪرز پارٽي جي محبوب علي، سعيد بگٽي، ذوالفقار علي، ايس يو پي جي ثمر علي سمون، انساني حقن جي عبدالغفار نظاماڻي، سانگھڙ سجاڳي فورم جي اقرار شر، سنڌي ادبي سنگت شاخ مقصودورند جي امجد عاجز منگي سميت معصوم نياڻين شرڪت ڪئي. سنڌي ادبي سنگت مرڪز جي سڏ تي سنڌ جي معصوم نياڻي پريا ڪماري جي آزادي لاءِ سنڌي ادبي سنگت شاخ باڊھ پاران احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، ان موقعي تي ضلعي رابطا سيڪريٽري وفا صالح راڄپر، سارنگ امر، ھوش محمد ڀٽي، اقبال کوکر ۽ ٻين ڳالھائيندي چيو تہ سنڌ جي معصوم نياڻي پريا ڪماري جيڪا وڏي عرصي کان قيد ۾ آھي ۽ ان جي آزادي لاءِ سموري سنڌ سراپا احتجاج آھي پر حڪومت ڪا داد رسي ڪرڻ کان مسلسل لنوائي رھي آھي پريا جو قيد ڪنھن بہ صورت ۾ برداشت ناھي.ھنن چيو تہ معصوم پريا جي اغوا ۾ ملوث ڪردارن کي وائکو ڪري کين قانون جي ڪٽھڙي ۾ آڻڻ ۽ ھر صورت ۾ پريا کي آزاد ڪرائڻ سنڌ حڪومت جي ذميواري آھي تنھن ڪري مطالبو ڪجي ٿو تہ سالن کان قيد سنڌ جي جي نياڻي پريا کي فوري طور آزاد ڪري سنڌ مان بيچيني ختم ڪئي وڃي.راڌڻ ۾ جئي سنڌ محاذ‚ شھري اتحاد ۽ سنڌ ادبي سنگت طرفان پريا ڪماري جي بازيابي لاء احتجاجي مظاهرو ڪري ريلي ڪڍي وئي جيڪا ريلوي ڦاٽڪ کان سيوھاڻي چوڪ تي پھتي جتي احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ عيد الحميد لاشاري ‚ احمد علي لاکير‚ قاضي فيض الله جوڻيجو‚ وڪيل اعجاز جانوري ماڻڪ لال ‚ھريش ڪمار‚ نريش ڪمار ۽ ٻين چيو ته انتظاميا پريا ڪماري جي بازيابي لاء ڪي به جوڳا قدم نه پئي کڻي ۽ نه ئي پريا ڪماري جي والدين سميت سنڌ واسين کي حڪومت مطمعن ڪري سگھي آھي‚ اڳواڻن چيو ته اڍائي سالن کان معصوم نينگري لاپتا آھي ۽ خبر ئي نه ٿي پوي ته زمين ڳھي وئي يا آسمان کڻي ويو‚ ھنن وڌيڪ چيو ته اسان سميت سموري سنڌ جا باشعور ماڻھو پريا ڪماري جي بازيابي تائين پنھنجو احتجاج ڪندا رھندا ڄام صاحب ۾ پريا ڪماري جي بازيابي ۽ شھيد صحافي جان محمد مهر جي قاتلن کي گرفتار نہ ڪرڻ خلاف سياسي، سماجي اڳواڻن ، شھرين ،صحافي ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن پاران بس اسٽاپ کان شھر جي بئنڪ چونڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاھرو ڪيو ويو، اڳواڻن چيو تہ جلد معصوم نياڻي پرياڪماري کي بازياب ڪرايو وڃي ۽ شھيد صحافي جان محمد مهر جا قاتل گرفتار ڪيا وڃن ،شاهپورچاڪر ۾ قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ محمود رخشاڻي ڪامريڊ حضور بخش ڏاهري آتم ڀيل سنڌياڻي تحريڪ جي عيني ڀيل زاهده ڏاهري جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن جو چوڻ هيو ته معصوم پريا ڪماري کي اغوا ٿئي ٻه سال گذري ويا آهن پر سنڌ حڪومت جي نااهلي جي ڪري اها اڃا تائين بازياب نه ڪرائي سگهي آهي سنڌ حڪومت کي سڀ خبر آهي ته ان کي ڪنهن اغوا ڪيو پر اهاڄاڻي ڪري روائتي نااهلي سستي جي ڪري هڪڙي معصوم پنهنجي ماء پي کان پري آهي مظاهرين حڪومت سنڌ کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي سنڌ حڪومت ۽ آئي جي سنڌ تحرڪ وٺي پريا ڪماري کي بازياب ڪرائي نه ته ٻئي صورت ۾ پوري سنڌ ۾ هڪ احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي، سٺ ميل سنڌي ادبي شاخ سٺ ميل پاران پريا ڪماري جي بازيابي لاء احتجاج ڪيو ويو ان موقعي تي اديبن شاعرن ٽائيم نيوز سان ڳالھائيندي چيو ته معصوم پريا ڪماري کي اغوا ٿئي ٽي سال گذري ويا آھن پريا ڪماري جي بازيابي لاء سنڌ حڪومت پاران هڪ ڪاميٽي ٺاھي وئي جنھن مان ڪابه اڳڀرائي حاصل نه ٿي سگھي آھي پريا ڪماري کي بازياب ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ معصوم پريا ڪماري جي بازيابي لاء سنڌي ادبي شاخ پاران ھر شھر ۾ احتجاج جاري رھندا، خيرپور ۾ ڊبليو سي پاران معصوم نينگري پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ پريس ڪلب کان مريم توپ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ريلي ۾ صحافين، وڪيلن، سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي ريلي جي اڳواڻي ڊبليو سي جو مرڪزي صدر شوڪت نوناري، قربان منگي، نور صبا، خان محمد سولنگي، علي جعفري ڪري رهيا هئا اڳواڻن جو چوڻ هو ته معصوم نينگري پريا ڪماري جي اغوا واري واقعي کي ٻه سال ٿيڻ وارا آهن پر افسوس جو پوليس هن وقت تائين سندس پتو ڀي لڳائي نه سگهي آهي سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻي پاران سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سڏ تي سنڌ جي معصوم نياڻي پريا ڪماريءَ جي آزاديءَ لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. احتجاج جي اڳواڻي سنڌي ادبي سنگت شاخ جي سيڪريٽري عيسيٰ ميمڻ، اعجاز سولنگي، روشن ٽوٽاڻي، بقاالله بوزدار ،مختيار جاگيراڻي، زاهد جوڻيجو اوشاق آگاڻي ۽ ٻين ڪئي جن جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بئنر پڻ هئا جن ۾ پريا ڪماريءَ جي آزاديءَ لاءِ مطالبا شامل هئا. ان موقعي تي احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي اديبن چيو ته اڍائي سال اڳ سکر جي سنگرار واري علائقي مان 10 هين محرم جي ڏينهن معصوم نياڻي پريا ڪماري کي اغوا ڪيو ويو. جنهن جي واپسيءَ لاءِ هن وقت تائين انتظاميا ڪو به تحرڪ وٺڻ لاءِ تيار نه آهي. جڏهن ته پريا ڪماري جي اغوا ۾ ملوث ڌرين کي تحفظ فراهم ڪيو پيو وڃي هنن جو وڌيڪ چوڻ ھو ته معصوم نياڻي پريا ڪماري کي آزاد ڪري سنڌ ۾ پيدا ٿيل بي چيني ختم ڪئي وڃي ۽ اغوا ۾ ملوث ڌرين خلاف قانوني ڪاروائي ڪري کين سخت سزا ڏني وڃي. پريا ڪماري جي آزادي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. سنڌي ادبي شاخ اوڏيرولال اسٽيشن پاران سنڌ جي معصوم نياڻي پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري احساس ميرل جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. احتجاج ڪندڙن ۾ ساس شاخ اوڏيرولال اسٽيشن سيڪريٽري فقير بلاول خشڪ، حاجي غلام حيدر خاصخيلي، اعجاز ٻرڙو، شيوا لال، حيدر امان، خليل ابڙو، شيرل سولنگي، سنتوش ڪمار، خالد علي ميرالي، نور محمد جسڪاڻي ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته معصوم نياڻي پريا ڪماري کي ٽن سالن کان مٿي عرصو گذري چڪو آهي، پر اڃان تائين معصوم نياڻي جو اتو پتو ڪونهي. هنن احتجاج ڪندي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته فوري طور معصوم نياڻي پريا ڪماري کي آزاد ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو. ڄام صاحب ۾ پرياڪماري جي آزادي ۽ صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ جي ڊبليو سي مرڪزي اڳواڻن ، سياسي ، سماجي اڳواڻن، شھرين ۽ صحافين پاران ڄام صاحب شھر جي بس اسٽاپ کان بئنڪ چونڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ، ان موقعي تي اڳواڻن ذوالفقار علي خاصخيلي ،سيد شاھ محمد شاھ ، عارف باغي خاصخيلي، غلام سرور خاصخيلي ،رجب علي سومرو ، حسين بخش ڏاھري ،پيردل ڪرمي ۽ ٻين چيو تہ يوم عاشور جي ڏھاڙي تي سبيل ورهائيندي معصوم پريا ڪماري کي اغوا ڪيو ويو هو ، اڍائي سال گذري ويا آھن پر معصوم پريا ڪماري آزاد ناهي ۽ معصوم نياڻي جا وارث پريشان ۽ بيحال آھن معصوم نياڻي پريا ڪماري کي آزاد ڪرائي سندس وارثن سان انصاف ڪيو وڃي ۽ حق سچ لکڻ تي صحافي جان محمد مهر کي شھيد ڪيو ويو پر ڪيترو وقت گذري وڃڻ باوجود شھيد صحافي جا قاتل آزاد آھن قاتل گرفتار ناهن ٿي سگهيا، حق ۽ سچ کي دٻائڻ لاءِ ھر دور ۾ صحافين مٿان حملا ڪيا ويندا آھن پر صحافي حق لکڻ تي شھيد ٿيندا آھن صحافت هڪ بهترين پيشو آھن ، ڪيترو بہ ظلم جبر ٿئي پر صحافي کي ڪير بہ حق ۽ سچ لکڻ تان هٽائي نٿو سگهي، سنڌ واسي شھيد جان محمد مھر جي وارثن سان گڏ آھن ۽ قاتلن کي ضرور سزا ملندي، اسان اعليٰ اختيارين کان مطالبو ٿا ڪيون تہ جلد معصوم نياڻي پريا ڪماري کي آزاد ڪرائي سندس وارثن سان انصاف ڪيو وڃي ۽ حق سچ لکڻ تي صحافي جان محمد مهر کي شھيد ڪندڙ قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي ، ٻي صورت ۾ سخت احتجاجي مظاھرا ڪيا ويندا، اڪري چودڳي ۾ سنڌي ادبي سنگت خيرپور پاران 21 اپريل آچر ڏهاڙي سنگرار واسي معصوم نياڻي پريا ڪماري جي بازيابي لاء اعلانيل احتجاجي مظاهرن جي سلسلي ۾ ساس شاخ اڪري پاران پريا ڪماري جي بازيابي لاء احتجاجي مظاهرو پريس ڪلب اڪري چودڳي اڳيان ڪيو ويو جنهن ۾ شاعرن اديبن ساڃاوندهن پريا ڪماري جي بازيابي جو مطالبو ڪيو چيلھار ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ چيلھار پاران معصوم نياڻي پريا ڪماري جي بازيابي لاء چيلھار شھر ۾ ريلي ڪڍي مين چوڪ تي احتحاجي مظاھرو ڪيو ويو. رائچند راٺوڙ لائبريري کان نڪتل ريلي شھر جي مختلف ھنڌن کان ٿيندي مين چوڪ پھتي جتي مظاھرين ڌرڻي کي خطاب ڪيو.