English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ حڪومت ٽيڪس چورن ۽ منشيات فروشن جو گھيرو تنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آھي: شرجيل انعام ميمڻ
views
|
26th Apr 2024
•
سنڌي خبرون
سنڌ حڪومت ٽيڪس چورن ۽ منشيات فروشن جو گھيرو تنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آھي: شرجيل انعام ميمڻ
ڪراچي: سنڌ سرڪار ٽيڪس چورن ۽ منشيات فروشن جو گھيرو تنگ ڪرڻ ۽ ٽيڪس چورن جا نالا اخبارن ۾ شايع ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آھي. ڪراچي ۾ سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ايڪسائز، ٽيڪسيشن،نارڪوٽڪس ڪنٽرول، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ھيٺ ھڪ اعليٰ سطح جو اجلاس ٿيو. ايڪسائز ٽيڪسيشن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول جي سيڪريٽري سليم راجپوت، ڊي جي اورنگزيب پنھور، ڊائريڪٽرز ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڳالھائيندي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ ٽيڪس چور ملڪي خوشحالي جا دشمن آھن، کين ڪنھن بھ صورت ۾ بخش نھ ڪيو ويندو، ٽيڪس چورن جا نالا اخبارن ۾ شايع ڪيا ويندا، سندن اڪائونٽ فريز ڪرڻ لاءِ بھ قدم کنيا ويندا. اجلاس ۾ سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ صوبي ۾ منشيات فروشن خلاف جاري ڪريڪ ڊائون کي ساراھيو ۽ ڪريڪ ڊائون ۾ بھترين ڪارڪردگي جو مظاھرو ڪندڙ آفيسرن جي تعريف ڪندي ڪريڪ ڊائون ۾ تيزي آڻڻ جون ھدايتون ڏنيون. شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ منشيات فروش ملڪ ۽ قوم جي مستقبل جا دشمن آھن، ساڻن ڪنھن بھ قسم جي نرمي جو مظاھرو نھ ڪيو ويندو، زيرو ٽالرنس پاليسي تحت سڄي صوبي ۾ منشيات فروشن خلاف ڪارروائيون جاري رکيون وينديون. ھن چيو تھ منشيات فروشن ۽ ٽيڪس چورن خلاف ڪارروائين لاءِ پوليس جي قابل آفيسرن ۽ جوانن کي ڊيپوٽيشن تي ايڪسائز کاتي ۾ آندو ويندو، ابتدائي طور تي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ پوليس آفيسر ڊيپوٽيشن تي ايڪسائز کاتي ۾ آندا ويندا. ھن چيو تھ منشيات خلاف ڪاررايون وڌيڪ تيز ڪرڻيون آھن، لاڳاپيل ادارا ھر وقت سھڪار ڪندا. ھن لاڳاپيل اختيارين کي ھدايتون ڏنيون تھ منشيات فروشن خلاف پراسيڪيوشن ۽ انويسٽيگيشن واري نظام کي مضبوط ڪيو وڃي. اجلاس ۾ بھترين ڪارڪردگي وارن آفيسرن ۽ مخبرن کي انعام ڏيڻ جو بھ فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ گاڏين جي رجسٽريشن ۽ منتقلي بايو ميٽريڪ تحت ڪرڻ جي تجويز بھ ڏني وئي. اجلاس ۾ ايڪسائز کاتي سان لاڳاپيل سمورن اسٽيڪ ھولڊرز جي شڪايتن جي ازالي لاءِ قدم کڻڻ جو بھ فيصلو ڪيو ويو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
28th Sep 2025
•
سندھ
پاکستانی بزنس ٹائیکونز اور سماجی رہنماؤں کی شاندار خدمات — معیشت، سرمایہ کاری اور قومی یکجہتی میں اہم کردار
28th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
پاکستان کے معروف سوشل میڈیا فنکار، شاہد شہباز المعروف "بلوشی ویلاگ" کی کاميابی کا سفر
28th Sep 2025
•
سندھ
جس نے لاہور نہیں دیکھا وہ پیدا ہی نہیں ہوا،کراچی کے چار رکنی طلبہ کے وفد کا مطالعاتی دورہ لاہور
26th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سرڪاري ملازمن جي پينشن تي به حڪمرانن جي بي حسي ..!!
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
پ پ سدائين درواڙن قبيلن جي حقن کي تسليم ڪندي نمائندگي ڏني آهي: ڪملا ڀيل
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
ڊاڪٽر شام سندر آڏواڻي جي صوبائي صلاحڪار ٿيڻ تي مٺايون ورهايون ويون
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
گمبٽ: قومي شاهراهه تي حادثي ۾ معصوم ٻارڙي سميت 2 ڄڻا فوت، 5 زخمي
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ حڪومت سرڪاري ملازمن جو معاشي قتل بند ڪري، پ پ ملازمن سان ڊبل پاليسي کيڏي رھي آھي: اياز لطيف پليجو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
شرجيل انعام ميمڻ
0 تبصرے