مورو ۾ جي يو آءِ اڳواڻ ڊاڪٽر ابراھيم جتوئي جي ڊي اي اڳواڻ غلام مرتضي' خان جتوئي سان ملاقات

مورو ۾ جي يو آءِ اڳواڻ ڊاڪٽر ابراھيم جتوئي جي ڊي اي اڳواڻ غلام مرتضي' خان جتوئي سان ملاقات

مورو ۾ جي يو آءِ اڳواڻ ڊاڪٽر ابراھيم جتوئي جي ڊي اي اڳواڻ غلام مرتضي' خان جتوئي سان ملاقات

مورو (رپورٽر) مورو ۾ جتوئي خاندان جي سربراھ ڊاڪٽر ابراھيم جتوئي جي ڊي اي رھنما سابق وفاقي وزير غلام مرتضي' خان جتوئي سان ملاقات ڪئي ۽ تازي صورتحال تي ڳالھ ٻولھ ڪئي ان موقعي تي ڊاڪٽر ابراھيم جتوئي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تہ سنڌ جي موجودہ صورتحال انتھائي حساس آھي جاٿي ڪاٿي ڀينگ ٿي چڪي آھي ڪا شئي بچي ئي ناھي جنھن تي ڳالھائجي. ھن چيو تہ نہ لا ان آرڊر رھيو آھي نہ قائدو قانون آھي نہ ڪا ترتيب آھي.سنڌ جا حالات تمام خراب ٿي چڪا آھن خاص ڪري گھوٽڪي شڪارپور جي صورتحال وڌيڪ خراب آھي ڪير بہ محفوظ ناھي رھيو.سنڌ جون روايتون رھيون آھن انھن کي نہ ٽوڙيو وڃي، پنھنجي ذاتي مسئلن جي ڪري ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا وڃن انھن کي منھن تہ ڏئي ويندو پر اسان بہ ھتي ھونداسين اھي بہ ھتي ھوندا اھڙي پوک پوکجي جو وقت اچڻ تي ڳالھ ٻولھ ڪري سگھجي.غلام مرتضي' خان جتوئي سندس پٽ يا ٻين ساٿين تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي ھو ڪيس ڪندا رھندا اسان منھن ڏيندا رھنداسين.