نوشھروفيروز ۾ واپارين کي ڪروڙين رپيا ۽ باردانو ڏيڻ جو انڪشاف، آبادگارن جو احتجاج

نوشھروفيروز ۾ واپارين کي ڪروڙين رپيا ۽ باردانو ڏيڻ جو انڪشاف، آبادگارن جو احتجاج

نوشھروفيروز ۾ واپارين کي ڪروڙين رپيا ۽ باردانو ڏيڻ جو انڪشاف، آبادگارن جو احتجاج

نوشهروفيروز( ڊ ر)خوراڪ کاتي نوشهروفيروز جي ڊي ايف سي پاران مختلف واپارين کي 10 ڪروڙ جي رقم ۽ لکين بارداڻي جو ٻوريون ڏيڻ جو انڪشاف في ٻوري تي 5 سوءُ کان 6 سوءُ رپيا ڪميشن مقرر آبادگارن کي سرڪاري بارداڻو ڏيڻ جو سلسلو بند خبر موجب آبادگار ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي آبادگارن گدا حسين خاصخيلي ،گل شير سيال،گلبهارمري ، مشتاق سولنگي ، آصف قريشي ،محمود ٽڳڙ،علي نواز جهنڊير ۽ ٻين خوراڪ کاتي نوشهروفيروز جي ڊي ايف سي وسيم جمالي ۽ فوڊ انسپيڪٽر شوڪت آرائين،، الطاف ڪيريو، الهڏنوميمڻ، نبي بخش لغاري خلاف احتجاجي مظاهرو ڪرڻ کان پوءِ انهن مٿا ضلعي جي 23 خريداري سينٽرن تان مختلف واپارين کي لکين ٻوريون بارداڻو ڏيڻ جو الزام هڻندي ٻڌايو آهي. ته ڊي ايف سي وسيم جمالي هن وقت تائين 23 مان 12 سينٽر اڪيلي فوڊ انسپيڪٽر شوڪت آرائين جي حوالي ڪري ڇڏيا آهن جنهن ٻين فوڊ انپيڪٽرن سان ملي ڊي ايف سي وسيم جمالي جي چوڻ تي مختلف واپارين کي 10 ڪروڙ رپين جا ايڊوانس بل جاري ڪرڻ سان گڏ لکين بارداڻي جون سرڪاري ٻوريون ڏئي ڇڏيون آهن جنهن ڪري واپاري آبادگارن کان سڄي ضلعي اندر 7هزارن کان 8 هزار تائين ڪڻڪ جي ٻوري خريد ڪري رهيا آهن جڏهن ته سنڌ حڪومت ڪڻڪ جي ٻوري جو سرڪاري اگهه 10 هزار مقرر ڪيو آهي پر خوراڪ کاتي جا ڪرپٽ ڪامورا ان جو فائدو ننڍن آبادگارن کي ڏيڻ بجاءِ ڪجهه واپارين کي ڏئي انهن سان ملي ڪروڙن جي ڪرپشن ڪري رهيا آهن ۽ فوڊ انسپيڪٽر خريداري سينٽرن تي ويهڻ جي لاءِ تيار ناهي جنهن ڪري آبادگار روزانو ڊي ايف سي فوڊ وسيم جمالي جي آفيس اچن ٿا جيڪو پڻ آفيس ۾ ويهڻ جي لاءِ تيار ناهي جنهن ڪري واپاري ۽ خوراڪ کاتي جا ڪرپٽ آفيسر پاڻ ۾ ملي آبادگار ن جو معاشي قتل ڪري رهيا آهن اسان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کان مصالبو ٿا ڪيون ته خوراڪ کاتي نوشهروفيروز اندر هن وقت تازو خريداري جي سلسلي دوران ٿيندڙ ڪروڙن جي ڪرپشن جي جاچ ڪرائي هن ۾ ملوث آفيسرن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ٻئي صورت ۾ اسان جو احتجاج جاري رهندو