صحافين جا جلد مسئلا حل ڪيا ويندا، اطلاعات کاتو هر وقت صحافين سان رابطي ۾ آهي:شرجيل ميمڻ

صحافين جا جلد مسئلا حل ڪيا ويندا، اطلاعات کاتو هر وقت صحافين سان رابطي ۾ آهي:شرجيل ميمڻ

صحافين جا جلد مسئلا حل ڪيا ويندا، اطلاعات کاتو هر وقت صحافين سان رابطي ۾ آهي:شرجيل ميمڻ

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ پاران ڪراچي پريس ڪلب جي گرانٽ ۾ اضافو ڪندي 10 ڪروڙ رپيا ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ان سلسلي ۾ صوبائي وزير اطلاعات شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته هو ڪراچي پريس ڪلب جي ميمبرن جا پلاٽ ۽ ٻيا مسئلا پڻ جلد حل ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي پريس ڪلب جي صدر سعيد سربازي ۽ نائب صدر رشيد ميمڻ سان ڳالهائيندي ڪيو. پريس ڪلب جي وفد صوبائي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ کي ٻيهر اطلاعات کاتي جو قلمدان ملڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ پريس ڪلب جي مسئلن کان آگاهه ڪندي ڪراچي پريس ڪلب جي گرانٽ ۾ واڌ جي درخواست ڪئي. شرجيل انعام ميمڻ ڊائريڪٽر جنرل انفارميشن سليم خان کي گرانٽ وڌائي 10 ڪروڙ رپيا ڪرڻ جي سمري تيار ڪري موڪلڻ جي هدايت ڪئي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته صحافين جا جلد مسئلا حل ڪيا ويندا، اطلاعات کاتو هر وقت صحافين سان رابطي ۾ آهي ۽ ڪراچي پريس ڪلب جي ميمبرن جي پلاٽن ۽ ٻين مسئلن کي حل ڪيو ويندو.