English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
آئي ايم ايف جي ھدايت تي پورھيت دشمن معاشي پاليسيون جوڙيون پيون وڃن: اياز لطيف پليجو
views
|
18th Mar 2024
•
سنڌي خبرون
آئي ايم ايف جي ھدايت تي پورھيت دشمن معاشي پاليسيون جوڙيون پيون وڃن: اياز لطيف پليجو
حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي تہ آئي ايم ايف جي ھدايت تي پورھيت دشمن معاشي پاليسيون جوڙي غريب عوام کي خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي. بجلي، گئس، پئٽرول، انساني زندگي بچائيندڙ دوائون،اٽو ۽ کنڊ سميت ٻين شين جا اگھ آسمان تي پھچي ويا آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪرپشن سڄي نظام کي تباھ ڪري ڇڏيو آھي. ڪرپشن جي ڪري ھر ادارو عوام آزار بنجي ويو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪرپٽ، چور ۽ نااھل حڪمرانن جي ڪري اڄ پاڪستان بنگال ۽ افغانستان کان بہ پوئتي آھي. ملڪ جو عوام غريب ۽ حڪمران امير ترين آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ بجلي، گيس، پيٽرول، سبزي، فروٽ، تعليم ۽ ان کان علاوه انسان جي ضرورت جي ھر شئي جا اگھ آسمان تائين پھچائي ھر پورھيت ۽ غريب کان جيئڻ جو حق کسيو ويو آھي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ مھانگائي مزدور، ھاري ۽ پورھيت عوام جي زندگي جھنم بنائي ڇڏي آھي. موجوده حڪومت کي احساس ئي ناھي تہ 500 کان ھزار روپيا ڏھاڙي ڪمائيندڙ ماڻھو پنھنجي گھر جو گاڏو ڪيئن ھلائي سگھندو، زندھ رھڻ لاءِ رڳو اٽو نہ گھرجي. گھٽ آمدني وارو يا مسواڙ جي جڳھ ۾ رھندڙ ماڻھو تعليم، صحت، ڪپڙو، بجلي، گئس ۽ ٻيون ضرورتون ڪيئن ٿو خريد ڪري سگھي. حڪمران طبقي لاءِ تہ ڪو مسئلو ناھي پر پورھيت ماڻھو سڄو ڏينھن رت ۽ پگھر وھائڻ باوجود سک جو ساھ نٿا کڻي سگھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ ظالم حڪمران شاھي پروٽوڪول ۽ ڪرپشن ۾ پورا آھن ھاڻي تہ ھر شيي جو ريٽ عروج تي آھي. ايتري مھانگائي جي ڪري روز خودڪشيون پيون ٿين. غريب ماڻھو ھڪ ٽڪر لاء پريشان آھي. اياز لطيف پليجي نوجوانن کي مخاطب ٿيندي چيو آھي تہ نوجوانو! پڙھو، ڪم سکو ۽ ٻاھر نڪرو. انجنيئرنگ، وڪالت، ميڊيڪل، بزنس، آءِ ٽي پڙھو. سي ايس ايس، سي اي، ٽيڪنيڪل ڊپلوماز، اسٽيوٽا ڪورسز، اسڪل ڊولپمينٽ ٽريننگز ڪيو. انگلش سکو، چائنيز، جرمن، عربي، رشين، اسپينش ۽ فرينچ سکو، فورسز جوائن ڪيو، فارين اسڪالرشپز جا امتحان ڏيو. ڳوٺن مان وڏن شھرن ۾ اچو، پرڏيھ وڃو، ڪاروبار ڪيو. روزگار ۽ اقتصادي ترقيءَ جو ٻيو ڪو بہ رستو ناھي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Sep 2024
•
سندھ
کراچی: ایم این اے شازیہ مری نے زرداری ہاؤس کراچی میں فریال تالپور سے ملاقات کی
19th Sep 2024
•
سندھ
سیہون شریف میں حلال احمر پاکستان کی جانب سے موسمیاتی تبدیلی کے اثرات پر آگاہی کے لیے ورکشاپ کا انعقاد
19th Sep 2024
•
سندھ
نواب شاہ: بی سیکشن تہانے کے حدود محاجر کالونی میں بے رحم بہائی نے اپنی دو بہنوں کو بجلی کا کرنٹ دے کر قتل کر دیا
18th Sep 2024
•
سندھ
میرے کردار اور میرے کاروبار پر انگلی اٹھانے والے اپنے گریبان میں جھانکیں، دعا تھیبو
19th Sep 2024
•
سنڌي خبرون
شهيد مير مرتضي ڀٽو جي خاندان کي ڪڏهن انصاف ملندو ..
19th Sep 2024
•
سنڌي خبرون
نوابشاهه: بي سيڪشن ٿاڻي جي حد مهاجر ڪالوني ۾ 2 ڀينرون بجلي جا ڪرنٽ ڏئي قتل
19th Sep 2024
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ نوجوان جو استادن تي حملي جو الزام
19th Sep 2024
•
سنڌي خبرون
سجاول جي عدالت آڪاش مڱڻهار قتل ڪيس جي ٻن جوابدار ڀائرن کي سزا ٻڌائي ڇڏي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
Tags
حيدرآباد
قومي عوامي تحريڪ
0 تبصرے