سنڌ جو ناليوارو شاعر زمان خاصخيلي بيماري سبب بستري ڀيڙو

سنڌ جو ناليوارو شاعر زمان خاصخيلي بيماري سبب بستري ڀيڙو

سنڌ جو ناليوارو شاعر زمان خاصخيلي بيماري سبب بستري ڀيڙو

ٺٽو( شفيق ڀٽي) سنڌ جو مشھور ناليوارو ڀلوڙ شاعر زمان خاصخيلي جگر جي بيماري ۾ مبتلا رھڻ بعد بستري ڀيڙو ٿي ويو آھي، پر اڃان تائين سندس سنڌ سرڪار، ثقافت کاتي سميت ڪنھن بہ سار ناھي لڌي، جيڪو ڪجھ وٽس ھو اھو علاج تي خرچ ڪري ڇڏيو، ھاڻي ايترو ناھي جو ھو پنھنجو بھتر علاج ڪرائي سگھي، بستري ڀيڙي ٿيل پليجاڻي موري جي رھواسي سنڌ جي ناليواري واري شاعر زمان خاصخيلي سنڌ جي ثقافت کاتي کان گھر ڪئي اھي ته سندس سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائي سندس حياتي بچائي وڃي، ياد رھي تہ سنڌ جي ھن ڀلوڙ شاعر زمان خاصخيلي جا گيت سنڌ جي ناليوارن فنڪارن فوزيہ سومرو، حامد مغل، ثريا سومرو، الھڏنو خاصخيلي، الھڏنو جوڻيجو، جلال چانڊيو، عرس چانڊيو ۽ فنڪارن ڳايا آھن، پر ھيڏي وڏي شاعر کي ھن وقت بيماري جي حالت ۾ سمورن وساري ڇڏيو اھي، جڏھن تہ ھن کان اڳ شاعر گل حسن خاصخيلي نور کان محروم بڻجي ويو اھي، جنھن جي بہ ثقافت کاتي ڪابہ سار ناھي لڌي، ھتان جي رھواسين شاعر زمان خاصخيلي جي پرستارن سنڌ حڪومت سميت ثقافت کاتي کان مطالبو ڪيو اھي تہ شاعر زمان خاصخيلي جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائي کيس بيماري مان نجات ڏياري وڃي، جيئن ائندہ بہ زمان خاصخيلي وڌيڪ گيت لکي سنڌ جي ماڻھن جي ترجماني ڪري سگھي.