اياز لطيف پليجي پاران لاڙڪاڻي ۾ پرامن ريلي تي پوليس تشدد ۽ گرفتارين جي مذمت

اياز لطيف پليجي پاران لاڙڪاڻي ۾ پرامن ريلي تي پوليس تشدد ۽ گرفتارين جي مذمت

اياز لطيف پليجي پاران لاڙڪاڻي ۾ پرامن ريلي تي پوليس تشدد ۽ گرفتارين جي مذمت

حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي لاڙڪاڻي ۾ پرامن ريلي تي پوليس تشدد ۽ گرفتارين جي مذمت ڪندي چيو آھي تہ پنھنجن حقن لاءِ پرامن احتجاج ۽ آواز اٿارڻ ھر شھري جو حق آھي. سنڌ جي ماڻھن کان پرامن احتجاج جو حق کسڻ ۽ انھن جي آواز کي دٻائڻ بربريت، آمريت ۽ ظلم آھي. نام نهاد جمھوريت جي جبي ۾ آمر ذھنيت سنڌ تي مسلط ڪئي وئي آھي. سسئي ۽ سورٺ لوھار پنھنجي والد شھيد ھدايت لوھار جي قتل خلاف پرامن احتجاج ڪري رھيا ھئا. سنڌ حڪومت ٻڌائي تہ ڇو قاتل گرفتار ناھن ٿيا؟ ڇو مظلومن سان انصاف نٿو ٿئي؟ قاتل گرفتار نہ ٿيڻ خلاف پرامن احتجاج سسئي ۽ سورٺ لوھار جو قانوني، جمھوري ۽ انساني حق آھي. پيپلز پارٽي حڪومت پرامن احتجاج ڪندڙ نياڻين، ٻارن، سياسي ڪارڪنن ۽ صحافين سان ڳالھيون ڪرڻ ۽ انصاف ڪرڻ بدران انھن تي تشدد ڪري پيغام ڏنو آھي تہ پيپلز پارٽي حڪومت مان انصاف جي اميد نہ رکي وڃي. ھنن جو مقصد عوام جي تحفظ بدران صرف ڪرپشن ۽ وسيلن جي ڦرلٽ آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ھڪ طرف لاڙڪاڻو ۽ سکر ڊويزن جا ضلعا ڌاڙيلن جي رحم ڪرم تي آھن. حڪومت انھن ڏوھن تي ڪنٽرول نٿي ڪري سگھي. درجنين ماڻھو ڌاڙيلن جي چنبي ۾ آھن. ڀنگ نہ ملڻ ڪري مغوين تي بدترين تشدد ڪري ڌاڙيلن وڊيوز وائرل ڪري سڄي سنڌ ۾ شديد خوف جي لھر پکيڙي ڇڏي آھي. ماڻھو انتھائي بيوس ۽ عدم تحفظ واري ماحول ۾ آھن. پوليس انھن ڌاڙيلن اڳيان بيوس آھي. ڏوھارين جو مقابلو نٿو ٿئي. ٻئي طرف سياسي ڪارڪن ۽ نياڻيون انصاف لاءِ پرامن احتجاج ڪن ٿا تہ انھن سان ڏوھارين جھڙو سلوڪ ڪيو وڃي ٿو. سنڌ حڪومت جو اھو رويو سنڌ جي ماڻھن ۾ انارڪي ۽ شديد بيزاري کي جنم ڏيندو. ڇا ماڻھو پرامن احتجاجن بدران قانون ھٿ ۾ کڻن؟ بدمست حڪمران سمجھي ڇڏين تہ عوام جي آواز کي لٺ يا بندوق جي زور تي دٻائڻ جا خطرناڪ نتيجا نڪرندا. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ کي ديوار سان لڳايو وڃي. سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ بند ڪئي وڃي. بنيادي انساني حقن جون ڀڃڪڙيون بند ڪيون وڃن. ڌاڙيل راڄ بند ڪيو وڃي. سنڌ جي پاڻي، زمينن ۽ وسيلن تي ڌاڙا بند ڪيا وڃن. ڪرپشن ۽ نوڪريون جو وڪرو بند ڪري مھانگائي جو طوفان تي ڪنٽرول ڪيو وڃي.