سجاول ويجھو ڳوٺ بوهڙ ۾ گرلس مڊل اسڪول جي عمارت زبون حالي جو شڪار

سجاول ويجھو ڳوٺ بوهڙ ۾ گرلس مڊل اسڪول جي عمارت زبون حالي جو شڪار

سجاول ويجھو ڳوٺ بوهڙ ۾ گرلس مڊل اسڪول جي عمارت زبون حالي جو شڪار

سجاول (رپورٽر) سجاول ويجھو ڳوٺ بوهڙ ۾ گورنمينٽ گرلس مڊل اسڪول جي عمارت 2012 کان زبون حالي جو شڪار ھئڻ ڪري ڪيتريون معصوم نياڻين جو مستقبل تباهہ ٿيڻ لڳو. تعليم کاتو لاعلم بڻيل جاتي تعلقي جي ساحلي پٽي جي ڳوٺ بوهڙ ۾ گورنمينٽ گرلس مڊل اسڪول جي بلڊنگ مڪمل طور ناڪاره هجڻ ڪري ڪيتريون شاگردياڻيون تعليم جهڙي زيور کان محروم بڻيل ٻئي طرف ڳوٺاڻن ڊاڪٽر غلام علي سميجو. خادم حسين سميجو. لالا سميجو ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسڪول ڪيتري ئي عرصي کان مڪمل طور تباهه ٿي وئي آهي جنهن جي ڪري اسان جي معصوم نياڻين جو مستقبل خراب ٿي رهيو آهي هنن بالا آفيسرن ۽ تعليم جي سيڪريٽري ۽ تعليم جي منسٽر ۽ ضلعي انتظاميه کان مطالبو ڪيو آهي ته جلد کان جلد نوٽيس وٺي اسڪول جي تعمير ڪرائي شاگردياڻين جو مستقبل تباھ ٿيڻ کان بچايو وڃي