شڪارپور: ڊي سي جي نگراني ۾ ڊسٽرڪٽ پوليو اريڊيڪيشن ڪميٽيءَ جي گڏجاڻي

شڪارپور: ڊي سي جي نگراني ۾ ڊسٽرڪٽ پوليو اريڊيڪيشن ڪميٽيءَ جي گڏجاڻي

شڪارپور: ڊي سي جي نگراني ۾ ڊسٽرڪٽ پوليو اريڊيڪيشن ڪميٽيءَ جي گڏجاڻي

شڪارپور (احسان ابڙو) ڊسٽرڪٽ پوليو اريڊيڪيشن ڪميٽيءَ جي گڏجاڻي، تفصيل موجب ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ ڊسٽرڪٽ پوليو اريڊيڪيشن ڪميٽيءَ جي گڏجاڻي ٿي. گڏجاڻيءَ جي صدارت ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور الطاف احمد چاچڙ ڪئي. گڏجاڻيءَ ۾ بريفنگ ڏيندي مظهر علي ڄامڙو چيو ته گذريل پوليو مهم دوران 347844 ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا قطرا پيارا ويا آهن. هن چيو ته خانپور تعلقي ۾ پي پي ايڇ آءِ جي سپورٽ جي ضرورت آهي. گڏجاڻيءَ سان ڳالهائيندي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور چيو ته هن دفعي پوليو جي ٽيمن جي ڪارڪردگي سٺي رهي آهي. هن چيو ته 25 مارچ کان شروع ٿيندڙ پوليو مهم ۾ اڃان به وڌيڪ محنت ڪرڻ گهرجي، سڪيورٽيءَ جي حوالي سان ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور الطاف احمد چاچڙ چيو ته ايس ايس پي شڪارپور، ڊي ايس آر رينجرس شڪارپور سان ڳالهائي سڪيورٽيءَ جا جيڪي مسئلا آهن انهن کي حل ڪيو ويندو ۽ ٽرانزٽ پوائنٽس تي پوليس جو هجڻ ضروري آهي. ان موقعي تي گڏجاڻيءَ سان ڳالهائيندي ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر پرويز احمد سومرو چيو ته هر مهم جيان تعلقه فوڪل پرسن، ليڊي هيلٿ ورڪرس ۽ ويڪسينيٽرن کي هدايتون جاري ڪيون آهن ته وڌ ۾ وڌ ڪوشش ڪئي وڃي ته ڪوبه ٻار پوليو کان بچاءُ جي قطرن پيئڻ کان نه رهجي. هن چيو ته تعلقه فوڪل پرسن ٽيمن جي مانيٽرنگ ڪندا ته جيئن ڪوبه ملازم پنهنجي ڊيوٽيءَ تان غائب نه رهي.