مورو پوليس جون ڪارروائيون، پنج منشيات فروش ۽ جواري گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

مورو پوليس جون ڪارروائيون، پنج منشيات فروش ۽ جواري گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

مورو پوليس جون ڪارروائيون، پنج منشيات فروش ۽ جواري گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

مورو (جاني جماڻي)ايس ايس پي نوشھرو فيروز صدام حسين خاصخيلي جي خاص ھدايتن تي ايس ايچ او مورو علي اڪبر کوکر ڏوھارين، منشيات فروشن ۽ سماج دشمنن خلاف ڪاروايون جو سلسلو تیز ڪري ڇڏيو مورو جي ريشم گلي جي رھواسي ارسلان ولد اسلم يوسفزئي کي چرس سميت گرفتار ڪري سندس مٿان منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو شھر م ھڪ ڪيبن تي ڇاپو ھڻي نشي آور سپاريون زيڊ 21 کپائیندڙ اعجاز علي سابقي کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو جڏھن تہ شھر م ھلندڙ جوا جي اڏي تي ڇاپو ھڻي جوا کيڏندڙ ارمان ڀٽي، صابر زرداري ء عنايت الله سولنگي کي تاش جي پتن ۽ 3 ھزار روپيہ نقد ھٿ ڪري سندن مٿان پڻ ڪيس داخل ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي ٻئي پاسي ايس ايچ او علي اڪبر کوکر چيو تہ سماج دشمنن کي ڪنھن بہ صورت م ھرگز برداشت نہ ڪيو ويندو مان انھن کي وارننگ ٿو ڏيان تہ ھو ھاڻي پنھنجا سب ٻہ نمبر ڌنڌا بند ڪن نہ تہ انھن خلاف ڪارواين جو سلسلو اڃان تيز ڪيو ويندو،