ملڪ وڏي معاشي ۽ سياسي بحران جو شڪار ٿي چڪو آھي: اياز لطيف پليجو

ملڪ وڏي معاشي ۽ سياسي بحران جو شڪار ٿي چڪو آھي: اياز لطيف پليجو

ملڪ وڏي معاشي ۽ سياسي بحران جو شڪار ٿي چڪو آھي: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي تہ ملڪ وڏي معاشي ۽ سياسي بحران جو شڪار ٿي چڪو آھي. سنڌ ۾ سخت پاڻي جو کوٽ پئدا ڪئي پئي وڃي. مھانگائي ۽ غربت جو طوفان اچڻ وارو آھي. 8 فيبروري تي اليڪشن نہ پر بدترين ڌانڌلي ٿي. عوام جي راءِ کي ڊسٽ بن ۾ وجھي ڪرپٽ مافيا کي مسلط ڪيو ويو. پيپلز پارٽي کي چوٿون ڀيرو اقتدار پليٽ ۾ رکي ڏنو ويو آھي. پولنگ اسٽيشنن تي ڪوڙا ٺپا ھنيا ويا. اڳواٽ ٺپا لڳل 50-50 ھزار بيلٽ پيپر ڏنا ويا. بوگس اليڪشن جي ڪري سڄي دنيا ۾ ملڪ جي بدنامي ٿي آھي. ڪرپٽ مافيا جي ايجنڊا ۾ ملڪ جي ترقي ناھي. حڪمرانن وٽ ملڪ کي بحرانن مان ڪڍڻ جي اھليت ئي ناھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪراچي ۾ جي ڊي اي جي سڏ تي پرامن احتجاج تي پوليس بدترين تشدد ڪري سنڌياڻي تحريڪ جي عورتن کي گرفتار ڪيو. پيپلز پارٽي 24 فيبروري تي سڄي سنڌ جا رستا بند ڪري ھزارين گاڏين جا قافلا روڪي ڇڏيا. سنڌ اسيمبلي اڳيان پھتل نياڻين ۽ ٻين ساٿين کي لٺيون ھڻي بدترين تشدد ڪيو ويو. اياز لطيف پليجي چيو تہ موجود حڪومت آمريت جو تسلسل آھي. پيپلز پارٽي جا ڪرپٽ حڪمران ياد ڪن تہ سنڌ جي ماڻھن ضيا ۽ مشرف جي آمريت جو مقابلو ڪيو آھي. آمريت جا پاليل ڪجھ بہ ناھن. ملڪ جي اليڪشن کي چوري ڪيو ويو آھي. عوام جي حقيقي مينڊيٽ کي چوري ڪيو ويو آھي. غريب ماڻھو مھانگائي جي چڪي ۾ پيسجي رھيا آھن. پيئڻ جو صاف پاڻي ناھي. صحت جون سھولتون ناھن. سرڪاري تعليم جو ھٿ وٺي ٻيڙو ٻوڙيو ويو آھي ته جيئن غريب جو ٻار تعليم حاصل نہ ڪري سگھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جي زراعت تباھ آھي. روزگار جا وسيلا ناھن جنھنڪري بيروزگار نوجوان خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڌانڌلي واري اليڪشن قبول ناھي. اسين نتيجن کي رد ڪريون ٿا. ٻيھر شفاف اليڪشن ڪرائي ڪرپٽ ماڻھن کي ٻاھر ڪيو وڃي.