سجاول ۾ نوجوان جو پوليس جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاھرو

سجاول ۾ نوجوان جو پوليس جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاھرو

سجاول ۾ نوجوان جو پوليس جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاھرو

سجاول (رپورٽر) سجاول شهر واسي جو پوليس جي مبينه ڏاڍ خلاف احتجاج، پوليس خلاف سخت نعري بازي، سجاول شهر جو رهواسي حسن علي سولنگي سورج سجاولي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي چيو ته سال اڳ منهنجو ڀاءُ رضاسولنگي کي شڪ جي بنياد تي پوليس گرفتار ڪري 302 جو ڪيس داخل ڪيو اهو ڪيس سجاول جي عدالت ۾ هلڻ کانپوءِ ڏوه ثابت نه ٿيڻ تي عدالت منهنجي ڀاءُ کي آزاد ڪري ڇڏيو ان جي باوجود پوليس باربار منهنجي ڀاءُ کي ساڳين ڪيس ۾ گرفتار ڪري اسان کي پريشان ڪري رهي آهي هن چيو ته سجاول شهر جي وچ بازار ۾ پوليس دڪان تي چڙهائي ڪري منهنجي ڀاءُ کي زوري کنڀي کڻي گم ڪري ڇڏيو آهي اسان سجاول جا معزز شهري آهيون پوليس اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي اسان سپريم ڪورٽ آف پاڪستان کان انصاف جي گهر ڪريون ٿا.