سجاول ۾ ينگ پيراميڊيڪل ايسوسيئيشن پاران سروس رينڊر ملازمن جي مان ۾ تقريب منعقد

سجاول ۾ ينگ پيراميڊيڪل ايسوسيئيشن پاران سروس رينڊر ملازمن جي مان ۾ تقريب منعقد

سجاول ۾ ينگ پيراميڊيڪل ايسوسيئيشن پاران سروس رينڊر ملازمن جي مان ۾ تقريب منعقد

سجاول(رپورٽر) ينگ پيراميڊيڪل ايسوسيئيشن ضلع سجاول جي صدر منظور خواجا ،سعيد احمد عمراڻي ،فھيم ميمڻ ۽ ٻين پاران سروس رينڊر جي ملازمن جون پگهارون ٿيڻ ڪري سروس رينڊر ملازمن جي مان ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي تقريب ۾ فدا لغاري،عبدالمنان شيخ، زما لغاري، حاجي ڀاند، صالح رند،زبير راھمون سميت سروس رينڊر جي ملازمن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي تقريب جو آغاز قرآن پاڪ جي تلاوت سان ڪيو انھيءَ موقعي تي ينگ پيراميڊيڪل ايسوسيئيشن جي اڳواڻ،منظور خواجا،سعيد احمد عمراڻي،فھيم ميمڻ،زما لغاري،منان شيخ،فدا لغاري ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته اسان سول اسپتال سجاول جي سروس رينڊر جي ملازمن سان گڏ ھئا سين ۽ ھميشه گڏ آھيون سروس رينڊر جا ملازم اسان جو ساٿ ڏين اسان سندن جائز مسئلا حل ڪرائينداسين ،سندن 8 مھينن جون رھيل پگھارن مان 5 پگھارون جاري ٿي ويون آھن بقايا پگھارون ھن ئي مھيني ڪوشش آھي ته ملي وينديون انھيءَ موقعي تي سروس رينڊر جي ملازمن چيو ته اسان ڪافي وقت کان اسپتال ۾ ڊيوٽي ڪري پنھنجي ٻچن جو پيٽ پاليندا آھيون ينگ پيراميڊيڪل ايسوسيئيشن جي جدوجھد سان اسان کي پگھارون مليون آھن