نوشھروفيروز ۾ ھيلٿ پروفيشنل پيرا ميڊيڪل اسٽاف پاران تقريب منعقد

نوشھروفيروز ۾ ھيلٿ پروفيشنل پيرا ميڊيڪل اسٽاف پاران تقريب منعقد

نوشھروفيروز ۾ ھيلٿ پروفيشنل پيرا ميڊيڪل اسٽاف پاران تقريب منعقد

نوشھروفيروز(ڊر) هيلٿ پروفيشنل پيرا ميڊيڪل اسٽاف ايسوسيئيشن يونٽ سول اسپتال نوشھروفيروز پاران هڪ ئي وقت پنجن ملازمن اکين جي ماهر ڊاڪٽر محمد اجمل راجپوت، محمد جمن شيخ، قربان علي لاڙڪ، شاهد پرويز ڊسپينسر ۽ محمد جمن ملاح جي رٽائرمينٽ تي سندن مانَ ۾ الوداعي پارٽيءَ جو اھتمام ڪيو ويو جنھن ۾ صوبائي صدر خادم حسين مستوئي، چيف آرگنائيزر حزب الله راڄپر،ميڊيا ڪواڊينيٽر اعجاز ممنائي،DMS ڊاڪٽر بدرالدين ابڙو، دل جو ڊاڪٽر محمد صفر چنه ضلعي صدر اشرف قريشي چيئرمين سلطان جوڻيجو،حاڪم علي ابڙو يونٽ صدر محمد سعود ٻوھيو مجيب رحمان وسطڙو اڪبر علي ميمڻ بشيراحمد ٻرڙو ۽ ٻين اڳواڻن رٽائر ٿيل ملازمن کي سندن خدمتن تي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته انهن ملازمن پنھنجي 60 ساله زندگي غريب عوام جي خدمت ڪندي گذاري جنھن کي اڄ ياد ڪيو پيو وڃي اڄ اسان لاء خوشيء جي ڳالھ اها آھي ته هو پنھنجي سروس پوري ڪري پنھنجي زندگيء ۾ رٽائرمينٽ ٿي رهيا آھن جيڪا سعادت ڪنھن ڪنھن کي نصيب ٿيندي آھي۔اڳواڻن چيو ته اسان جون دعائون ھميشه ساڻن گڏ رھنديون ان موقعي تي مهمانن کي اجرڪ پهرائي گلن جي تحفا پڻ پيش ڪيا ويا آخر ۾ ڊاڪٽر محمداجمل ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته اسين ڪڏھن به توھان جون محبتون ڀلائي نه سگهنداسين اڄ سروس پوري ڪري وڃي رھيا آھيون اڃان به جيڪڏھن اسپتال کي ضرورت پئي ته اسان خدمتون سرانجام ڏينداسين ڇوته اسان غريب عوام جي خدمت ڪرڻ عبادت سمجهي ڪئي آھي ۽ سدائين ساڳئي جذبي سان ڪم ڪندا رهنداسين۔