شڪارپور ۾ وڌندڙ بدامني خلاف مختلف جماعتن پاران ڌار ڌار مظاھرا

شڪارپور ۾ وڌندڙ بدامني خلاف مختلف جماعتن پاران ڌار ڌار مظاھرا

شڪارپور ۾ وڌندڙ بدامني خلاف مختلف جماعتن پاران ڌار ڌار مظاھرا

شڪارپور ( احسان ابڙو ) ضلع شڪارپور ۾ وڌندڙ بدامنيءَ جي خلاف مختلف جماعتن جيئي سنڌ محاذ شڪارپور ۽ جماعت اسلامي پاران ڌار ڌار احتجاجي ريلي ڪڍي وئي تھ ھوڏانھن آل سمال اينڊ ڪامرس شڪارپور جي طرفان ھڙتال جي ڏنل سڏ تي اڄ صبح سان ئي اسٽور مارڪيٽ. اناج منڊي . سبزي منڊي بھٽائي بازار . شاھي بازار . سونارڪي بازار جي دوڪاندارن ھڙتال جي ڏنل سڏ تي دوڪان ۽ ڪاروبار بند رھيو . جڏھن جماعت اسلامي ضلع شڪارپور جي امير عبدالسميع ڀٽي . عبدالقادر ايڊووڪيٽ . علي اصغر پھوڙ ايڊووڪيٽ . جي قيادت ۾ الله ولا چونڪ کان بدامنيءَ جي خلاف احتجاجي ريلي ڪڊي ويئي . جنھن ۾ سول سوسائٽي جي اڳواڻن . ھمير چانڊيو . ميان ظفر علي علوي سميت لاتعداد شھرين شرڪت ڪئي اھڙي ريلي . شھر جي مختلف رستن تان ٿيندي . لکيدر تي پھچي ڪري ڌرڻو ھنيو ويو . ان کان علاوه جيئي سنڌ محاذ ضلع شڪارپور جي سڏ تي . جسم ڊويزنل اڳواڻ عمران منگي . جسم مرڪزي اڳواڻ اسد الله سومرو جي قيادت ۾ پارٽي ورڪرن ۽ شھرين گڏجي . ميراڻي پارڪ کان لکيدر تائين ريلي ڪڊي ڪري لکيدر تي ڌرڻو هڻندي احتجاج ڪيو . لکيدر تي احتجاج کي خطاب ڪندي شھري اڳواڻ . ھمير چانڊيو خطاب ڪندي چيو ته سنڌ تي غاصبن ۽ لٽيرن جي حڪومت آھي ضلع شڪارپور ۾ وڌندڙ بدامني . اغوا . ڌاڙا . ڦرن جي پٺيان سنڌ حڪومت جي مخصوص ٽولي جو ھٿ آھي .رياست امن ڪرائڻ ۾ ناڪام وئي آھي . جماعت اسلامي شڪارپور جي آڳواڻن. عبد السميع بھٽي . علي اصغر پھوڙ . عبدالقادر ابڙو . ميان ظفر علي علوي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ضلع شڪارپور ۾ بدامنيءَ ۾ اضافو ٿي ويو آھي . پ . پ . پ . سنڌ حڪومت آڳ جيان ھاڻي به امن ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آھي . شڪارپور جي چونڊيل نمائندن جو ڏوھارين ۽ ڌاڙيلن پٺيان ھٿ آھي . ايس . ايس . پي . شڪارپور امن ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي ويو آھي .جيئي سنڌ محاذ ضلع شڪارپور جي صدر . عمران منگي . جسم مرڪزي اڳواڻ ڪامريڊ اسد الله سومرو ۽ ٻين ڳالھائيندي چيو ته ضلع شڪارپور کي ڄاڻي. واڻي . وانا ۽ وزيرستان بڻايو ويو آھي . ضلع جي ماڻھن کي ڏوھارين ۽ ڌاڙيلن جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏيو ويو آھي . ضلع شڪارپور پ . پ . جا چونڊيل نمائندا ڌاڙيلن ۽ ڏوھارين جي پشت پناهي ڪري رھيا آھن . جيسيتائين ضلع شڪارپور ۾ امن ڪون ٿيندو . تيسيتائين اسان جا احتجاج . ڌرڻا . جاري رھندا .