مورو ۾ جي ڊي اي پاران اليڪشن ۾ ڌانڌلي خلاف طاقت جو مظاهرو، ھزارين عورتن ۽ مردن جي شرڪت

مورو ۾ جي ڊي اي پاران اليڪشن ۾ ڌانڌلي خلاف طاقت جو مظاهرو، ھزارين عورتن ۽ مردن جي شرڪت

مورو ۾ جي ڊي اي پاران اليڪشن ۾ ڌانڌلي خلاف طاقت جو مظاهرو، ھزارين عورتن ۽ مردن جي شرڪت

نوشهرو فيروز/ مورو؛ جي ڊي اي پاران مورو ۾ زبردست عوامي طاقت جو مظاهرو، اليڪشن ۾ ڌانڌلين خلاف ڌرڻي ۽ جلسي ۾ هزارين عورتن جي به شرڪت، رپورٽ موجب گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس پاران مورو ڀرسان نيشنل هاءِ وي روڊ سڌوجا تي اليڪشن ۾ ڌانڌلين ۽ نتيجا تبديل ڪرڻ خلاف وڏو پاور شو ڪيو ويو. احتجاجي ڌرڻي ۽ جلسي سبب قومي شاهراهه جي ٻنهي پاسن کان هزارين گاڏيون بيهجي ويون جڏهن ته انتظاميه جي ڏسيل روٽن تي مسافر گاڏيون روان دوان رهيون. احتجاج ۾ جي ڊي اي اڳواڻ پير سيد صدر الدين شاهه راشدي، غلام مرتضيٰ خان جتوئي، مولانا راشد محمود سومرو، اياز لطيف پليجو، صفدر عباسي، نند ڪمار گوڪلاڻي، مسرور احمد جتوئي، ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪيو. سيد صدرالدين شاهه خطاب ڪندي چيو ته اوهان کي ٻڌائينداسين ته سورهيه بادشاهه جي اولاد ۽ پير پاڳارو ڇا آھن. هن چيو ته غريب وٽ ڪجهه ناهي سواءِ ووٽ جي، ان تي به اوهان ڌاڙو هڻو اهو اوهان کي هضم ڪرڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته ڪٿي آھن بجا تير تي ڊانس ڪرڻ وارا اسان ئي عوام جا چونڊيل آھيون جن جي ووٽ تي اوهان ڌاڙو هنيو آھي. هن چيو ته جيڪڏهن نيب 15 سالن جي چوري جي تحقيقات ڪرائي ته اڌ هنن جا ڌاڙي تي چونڊيل نمائندا حلف بجاءِ سرڪاري مهمان ٿي ويندا اهي ووٽن تي نه پر نوٽن تي کٽي آيا آهن، هيءُ ميگا رگنگ جو ڪيس آهي، ان ڪري ان تي سپريم ڪورٽ کان مطالبو ڪيون ٿا ته ان تي ميگا ڪميٽي جوڙي وڃي. اسان اڳ به سپريم ڪورٽ آف پاڪستان کان مطالبو ڪري چڪا آهيون ۽ اڄ ٻيهر مطالبو ڪريون ٿا ته هو ان معاملي کي ڏسن. عوام روڊن تي ڇو اچي رهيو آهي، کين خبر پئجي وئي آهي ته سندن ووٽ نوٽن ڏانهن ويو آهي. هن چيو ته 23 آگسٽ تي ڪراچي ۾ اجلاس ٿي رهيو آهي، ان اجلاس ۾ مستقبل جو قانوني عمل طئه ڪيو ويندو. اڄ مورو ۾ عوام اسان سان گڏ بيٺو آهي، هيءُ ڪو خواب ناهي، عوام آهي. غلام مرتضيٰ خان جتوئي خطاب ڪندي چيو ته عوام جو مان شڪر گذار آھيان جن مخالفن جي ڪوڙي ايف آءِ آر تي روڊن تي اچي ثابت ڪيو ته عوام ڇا آھي. هن چيو ته ايس ايس پي صاحبه منهنجي باڊي گارڊن جا هٿيار به چيڪ ڪيا هئا جن مان ڪابه گولي نه هلي هئي پر هڪ نوڪر جي چوڻ تي انتظاميه سندن ونگار وهي آھي جنهن جو ڀرپور دفاع ڪيو ويندو ۽ نوڪر کي اوقات ياد ڏياري ويندي. عوام اسان سان گڏ آهي، پ پ کي ڌانڌلي ذريعي ڪامياب ڪرايو ويو. اسان تي 1983ع ۾ ڪوڙا ڪيس ٺاهيا ويا ۽ هاڻي به قتل جا ڪوڙا ڪيس ٺاهيا وڃن ٿا، پيپلز پارٽي جي جعلي مينڊيٽ کي ڪڏهن به قبول نه ڪنداسين. راشد محمود سومرو چيو ته مان بلاول ڀٽو زرداري کي 50 هزار ووٽن تان هارائي چڪو آھيان. هن سندس گهر جي هارايل پولنگن جا فارم 45 به عوام کي ڏيکاريا. هن چيو ته رات دير ۾ جن نتيجا تبديل ڪرايا اهي به نظر ۾ آھن جن جا پيرا پنوعاقل وڃن ٿا اسان وٽ سڀ ثبوت آھن جيڪڏهن عوام جي مئنڊيٽ کي ڀت سان لڳايو ويو ته ان جا خراب نتيجا نڪرندا. صفدر عباسي چيو ته هن اليڪشن ڪيترائي سوال اٿاريا آهن. ووٽ چوري ڪندڙن خلاف اسان جي جدوجهد جاري رهندي ۽ چورن جي حلف واري ڏينهن به سنڌ اسمبلي آڏو تاريخي احتجاج ٿيندو. اياز لطيف پليجو چيو ته ڪنهن به حالت ۾ جعلي مئنڊيٽ کي تسليم نه ڪنداسين عوام کي سندن حق ڏيارڻ لاءِ جدوجهد جاري رکنداسين ۽ اسيمبلي هلڻ نه ڏينداسين. اسان جو ايندڙ احتجاج 26 فيبروري تي بدين ۾ ٿيندو هنن کي سڪون ڪرڻ ئي نه ڏينداسين.