ٺٽي ويجهو فقير جو ڳوٺ مان گوليون لڳل لاش هٿ، لاش اسپتال منتقل

ٺٽي ويجهو فقير جو ڳوٺ مان گوليون لڳل لاش هٿ، لاش اسپتال منتقل

ٺٽي ويجهو فقير جو ڳوٺ مان گوليون لڳل لاش هٿ، لاش اسپتال منتقل

ٺٽو: ٺٽي لڳ فقير جو ڳوٺ روڊ وٽ منشيات جي اڏي تي منشيات فروشن جو پاڻ ۾ جهيڙو هڪ ڄڻو مارجي ويو اطلاع تي پوليس پهچي آپريشن ڪري هڪ بدنام منشيات فروش ۽ ڏوهاري کي گرفتار ڪري ورتو ابتدائي اطلاعن موجب ٺٽي لڳ فقير جو ڳوٺ روڊ وٽ هڪ شخص جميل ولد بچو گندرو جو گوليون لڳل حالت ۾ لاش ھٿ آيو جنهن جي وارثن لاش کڻائي سول اسپتال ٺٽو پهچي احتجاج ڪيو ۽ الزام هنيو ته بدنام منشيات فروش ۽ ڏوهاري غلام محمد عرف غلامُو بروهي ۽ سندس ساٿين حملو ڪري جميل گندرو کي گوليون هڻي قتل ڪيو آھي ٺٽو پوليس پهچي لاش پوسٽ مارٽم ڪرائي وارثن حوالي ڪري ڇڏيو ٺٽي ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي آپريشن شروع ڪيو جنهن دوران ايس ايڇ او ٺٽو قربان ملاح جي اڳواڻي ۾ ڪارروائي دوران ڪيترن ئي سنگين ڏوهن ۾ ملوث هڪ ڏوهاري کي مقابلي بعد گرفتار ڪيو ويو ۽ سندس ساٿي فرار ٿي ويا ٺٽي ٿاڻي جي ايس ايڇ او قربان ملاح موجب منشيات فروشن جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران جميل ولد بچو گندرو گوليون لڳڻ ڪري مارجي ويو جنهن جي وارثن موجب کيس بدنام ڏوهاري غلام محمد عرف غلامو بروهي ۽ سندس ساٿين گوليون هڻي قتل ڪيو آھي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي