ٺٽو: ايس ايس پي آفتاب نظاماڻي پوليس جي ڇاپي دوران مارجي ويل پورھيت جي تڏي تي پھتو

ٺٽو: ايس ايس پي آفتاب نظاماڻي پوليس جي ڇاپي دوران مارجي ويل پورھيت جي تڏي تي پھتو

ٺٽو: ايس ايس پي آفتاب نظاماڻي پوليس جي ڇاپي دوران مارجي ويل پورھيت جي تڏي تي پھتو

ٺٽو(ڊ ر)5 ڏينھن اڳ ٺٽي ويجھو ٺٽو پوليس پاران غلام محمد عرف غلامون بروھي کي سندس رھائش گاھ تي گرفتار ڪرڻ لاء لڳايل ڇاپي دوران پوليس اھلڪار وقار شاھ پاران گوليون ھڻي ٺٽي شھر جي ڪچي ابادي جي ڳوٺ گل حسن سولنگي جي رھواسي پورھيت جميل گندرو کي قتل ڪري ڇڏيو ھو، جنھن جي تڏي تي ايس ايس پي ٺٽو آفتاب نظاماڻي، ايس ايڇ او ٺٽو قربان علي ملاح، فيصل شفيع ميمڻ ۽ ٻين پوليس عملدارن سان گڏ تڏي تي پھچي مقتول جي وارثن کمون گندرو، ملاح اڳواڻ ڏاڏا آدم گندرو، وڏيرو محمد عرس گندرو، سليمان گندرو، نثار احمد عرف ڇٽو گندرو، بلاول گندرو ۽ ٻين سان تعزيت ڪري مرحوم جي مغفرت لاء خصوصي دعائون گھري ڏک ونڊيندي ايس ايس پي ٺٽو آفتاب نظاماڻي چيو تہ مقتول جميل گندرو جي وارثن جي مرضي موجب ٺٽي ٿاڻي تي پوليس اھلڪار وقار شاھ خلاف قلم 302 تحت ايف آء آر داخل ڪرائي جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آھي، ھن چيو تہ اسان مقتولہ پورھيت جي وارثن سان ھن ڏک ۾ برابر جا شريڪ آھيون، ھن چيو تہ اسان ڪنھن سان بہ ناانصافي برداشت نہ ڪنداسين. ھن چيو تہ سندس اچڻ بعد وڏي تعداد ۾ ڏوھارين کي گرفتار ڪري جيل حوالي ڪيو ويو اھي، ڏوھارين ۽ منشيات فروشن خلاف سخت ڪاروايون جاري آھن، ان موقعي تي نورو گندرو، عبدالغني کوسو، محمد جمن خالصائي ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا.