روهڙي ۾رڪ سوشل فورم پاران ٻوٽا پوکي “وڻڪاري مھم”جو آغاز

روهڙي ۾رڪ سوشل فورم پاران ٻوٽا پوکي “وڻڪاري مھم”جو آغاز

روهڙي ۾رڪ سوشل فورم پاران ٻوٽا پوکي “وڻڪاري مھم”جو آغاز

روهڙي (رپورٽر)رڪ سوشل فورم پاڪستان پاران روهڙي ۾ ٻوٽا پوکي "وڻڪاري مھم" جو آغاز ڪيو ويو آهي انسلسلي ۾ روهڙي پريس ڪلب جي لان ۾ ٻوٽا پوکي ڪيو ويو تفصيل موجب رڪ سوشل فورم پاڪستان جي سهڪار سان روهڙي ۾ ٻوٽا پوکڻ "وڻڪاري مھم" جي شروعات ڪئي وئي آهي انسلسلي ۾ روهڙي پريس ڪلب جي صدر مجاهد بوزدار، سينيئر صحافي نثار نازرڪ، چيف ميونسپل آفيسرTMC روھڙي غلام قادر رڪ جي نگراني ۾ روهڙي پريس ڪلب روھڙي جي لان ۾ ٻوٽا پوکي مهم جو آغاز ڪيو ويو انموقعي تي اڳواڻن چيو ته باشعور ۽ مھذب قومون پنهنجي شهرن کي سرسبز ۽ خوبصورت بڻائڻ لاءِ ٻوٽا پوکي آلودگي جو خاتمو ۽ ماحول کي خوشگوار بڻائينديون آهن جلد ئي تفريحي ماڳن , پبلڪ پارڪن ۽ ٻين عوامي هنڌن تي ٻوٽا لڳائڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويندو، ان موقعي تي آرگنائيزر ڪاميٽي جي ميمبر علي نواز رڪ، علي حسن رڪ، محمد علي رڪ، ساجد علي رڪ، امن جليل رڪ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.