مرزاپور: نئون بس اسٽاپ وٺ ٽرڪ ۽ رڪشا لوڊر ۾ آمهون سامهون ٽڪر، عورتن سميت 12 ڄڻا زخمي

مرزاپور: نئون بس اسٽاپ وٺ ٽرڪ ۽ رڪشا لوڊر ۾ آمهون سامهون ٽڪر، عورتن سميت 12 ڄڻا زخمي

مرزاپور: نئون بس اسٽاپ وٺ ٽرڪ ۽ رڪشا لوڊر ۾ آمهون سامهون ٽڪر، عورتن سميت 12 ڄڻا زخمي

مرزاپور(رپورٽر) ٽرڪ ۽ رڪشا لوڊر ۾ ٽڪر عورت، مردن ۽ ٻارڙن سميت 12 ڄڻا زخمي، مرزاپور امروٽ ٿاڻي جي حد نئون بس اسٽاپ ڀرسان پئٽرول پمپ وٺ ٽرڪ ۽ رڪشا ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو، نتيجي رڪشا ڊالي تي سوار ٻرڙا ڀرسان ڳوٺ حاجي بنگل تنيو واسي نصراللہ تنيو، رابيه خاتون، مسمات نصرت، هدايت خاتون، مسمات خاتون سميت 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا، اطلاع تي امروٽ پوليس پهچي ڪري زخمي کي کڻي لکي غلام شاهه جي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ٻڌايو پيو وڃي ڳوٺ بنگل تنيو جا رهواسي لکي غلام شاهه شادي تان موٽي اچي رهيا هئا ته نئون امروٽ ڀرسان حادثو پيش آيو هوڏانهن امروٽ پوليس پهچي ڪري ٽرڪ ڊرائيور رانجهاپور واسي نور حسن لاشاري کي گرفتار ڪري ٽرڪ کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو