نوشهرو فيروز ۾ امن بحال نھ ٿيو، ھڪ ئي رات ۾ پنجن دڪانن مان لکين روپين جي چوري

نوشهرو فيروز ۾ امن بحال نھ ٿيو، ھڪ ئي رات ۾ پنجن دڪانن مان لکين روپين جي چوري

نوشهرو فيروز ۾ امن بحال نھ ٿيو، ھڪ ئي رات ۾ پنجن دڪانن مان لکين روپين جي چوري

نوشهرو فيروز (ڊر) شھر ۾ چورين جو آزار وڌي ويو، ھڪ ئي رات پنجن دڪانن جا تالا ٽوڙي چور لکين روپين جو سامان ۽ نقدي چوري ڪري فرار ٿي ويا. شھر جي مک حبيب چوڪ تي ھڪ ئي رات ۾ نامعلوم چور پنجن دڪانن جن ۾ سارنگ ميمڻ، بشير ڏنگراج جي گارمينٽس جي دوڪانن، سھيل ميمڻ جي ڪهڙي جي دوڪان، ذيشان راجپوت جي چپلن جي دوڪان ۽ رشيد ميمڻ جي سگريٽن جي دوڪانن جا تالا ٽوڙي دوڪانن مان ڪپڙا، چپلون، سگريٽ ۽ ٻيو سامان ۽ نقدي چوري ڪري فرار ٿي ويا. دوڪاندارن موجب نامعلوم چور دوڪانن مان پنج لک ماليت جي چوري ڪري ويا آھن. دوڪاندارن پاران چورين خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو آهي. دوڪاندارن ٻڌايو ته شھر ۾ چورين جو آزار وڌي ويو آھي جنھن ڪري دوڪاندار غير محفوظ بڻجي ويا آھن. ھنن چيو ته چورن خلاف ڪارروائي ڪري شھر مان ٿيل چوريون واپس ڪرايون وڃن. ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو