ڪراچي سرجاني ٽائون واسي نوجوان کي اجمير پوليس پاران مبينا مقابلو ڄائائي قتل جو انڪشاف

ڪراچي سرجاني ٽائون واسي نوجوان کي اجمير پوليس پاران مبينا مقابلو ڄائائي قتل جو انڪشاف

ڪراچي سرجاني ٽائون واسي نوجوان کي اجمير پوليس پاران مبينا مقابلو ڄائائي قتل جو انڪشاف

گڏاپ(رپورٽر)ڪراچي سرجاني ٽائون واسي نوجوان کي اجمير پوليس پاران مبينا مقابلو ڄائائي قتل جو انڪشاف ٿيو آهي پوليس جي مبينا مقابلي خلاف وارثن احتجاج ڪندي مڪمل طور واقعي جي شفاف نموني جاچ جو مطالبو ڪيو آهي، ڪراچي سرجاني ٽائون جي عبدالرحيم ڲوٺ جي رهواسي محمد جمن ٿهيم دانهيندي چيو آهي ته سندس پٽ 25 ورهين جي سهيل احمد کي اجمير نگر پوليس گهران کنڀي لاڪپ بعد گوليون هڻي هاف فرائي ڪري ڇڏيو جنهن بعد جناح اسپتال داخل ڪيو جتي هو فوت ٿي ويو پوليس ان جي باوجود به اسان کي اطلاع نه ڪيو بعد ۾ سندس لاش ايڌي سينٽرمان مليو محمد جمن صحافين کي ٻڌايو ته منهنجو پٽ بي ڏوهي هو پوليس ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي قتل ڪيو هن چيو ته سهيل احمد کي پوليس 20 جنوري2024ع تي کنڀي وئي جڏهن هو صبح جو کير وٺڻ لأ دڪان تي ويو هو جنهن بعد کيس گوليون هڻي زخمي ڪيو پر پوليس اسان کي ڪوبه اطلاع ناهي ڏنو بعد ۾ پٽ جي تلاش تي لاش ايڌي سينٽر مان مليو جتي ايڌي وارن ٻڌايو ته اجمير نگري پوليس جي مبينا مقابلي ۾ نوجوان سهيل مارجي ويو سهيل احمد جي والد ٻڌايو ته پوليس جي تشدد ۾ فوت ٿي ويل منهنجي نوجوان پٽ جي قتل جي شفاف نموني جاچ ڪرائي مون سان انصاف ڪيو وڃي واضح رهي ته سهيل احمد ٻن ٻارڙن 5 ورهين جي علي رضا ۽ 7 ورهين جي عليزه جو پئ هيو سندس ٻارڙا يتيم ٿي ويا