English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
اليڪشن کان اڳ ئي خريد ۽ فروخت ٿي چڪي ھئي، جيڪڏھن حڪومت ٺھي بھ وئي تھ 8 مھينا بھ نھ ھلي سگھندي: پير پاڳارو
views
|
16th Feb 2024
•
سنڌي خبرون
اليڪشن کان اڳ ئي خريد ۽ فروخت ٿي چڪي ھئي، جيڪڏھن حڪومت ٺھي بھ وئي تھ 8 مھينا بھ نھ ھلي سگھندي: پير پاڳارو
ڄامشورو: جي ڊي اي سربراھھ ۽ حرن جي روحاني پيشوا پير صاحب پاڳاري ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو تھ 3 مهينن اڳ اليڪشن جي رزلٽ ملي وئي هئي ۽ پيمنٽ به ٿي وئي هئي فيڊريشن جي رکوالي فوج آهي ڪا به پارٽي قومي ليول ته ناهي سڀ صوبائي سطع تي اچي وئي مان انھي لاءِ گذريل ٽن مهينن کان گھر ۾ رهيس احتجاج اسان جو آئيني حق آهي اليڪشن ۾ ٿيل ڌانڌلي خلاف احتجاج آهي باقي فوج اسان جي آهي سياست کان آئون انهي لاءِ پري آهيان ته جيڪو گهڻو ڪوڙ ڳالهائڻ ڄاڻي سو سٺو ليڊر ثابت ٿو ٿئي جيڪي اسان جي ملڪ جو فيصلو ڪندا آهن انهن کي سوچڻ گهرجي ته اسان وٽ ڪو به قومي ليڊر ناهي بچيو اسان جي فوج نه هڄي هان ته اسان جو به حالت خراب هجي هان اسان سڪون اسان آهيون فوج بارڊر ۽ سرحدون کي سنڀالي رهي آهي انھي لاءِ اسان سڪون ۾ آهيون انٽرا پارٽي اليڪشن جئين پي ٽي آئي ڪيو ائين نون ليگ ۽ پي پي ڪيو اليڪشن ڪميشن زمين آسمان هڪ ڪري ڇڏيو هن اليڪشن ڪميشن ۾ جيڪا خريدو فروخت ٿي آهي انھي تي اليڪشن ڪميشن ڇو خاموش آهي چون ٿا ته عمران خان چور آهي ڇا عمران خان کان اڳ آيل حڪمرانن توشاخاني مان ڪجهه نه ورتو ٻئين حڪمرانن ته گاڏيون به ورتيون پر منھنجي نظر ۾ عمران خان چور ناهي اسان کان غلطيون ٿي وينديون آهن عمران خان چور آهي ته پو اسان سڀ به چور آهيون سيلاب کي روڪيو ويندو ته انهي جي نتيجي ۾ پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو آزاد اميدوار وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيا نوجوانن وڏو انقلاب آندو آهي ڪا خبر نه هئي ته ڪنھن جو ڪهڙو نشان آهي انھي هوندي به هي ڪامياب ٿيا اسان وٽ انصاف ناهي سپريم ۾ اپيل ڏهن سالن کانپو ٻڌيو ويو ۽ قيدي کي فاسي جي سزا اچي وئي پو وري ڪورٽ حڪم ڏنو ته کيس آزاد ڪيو وڃي 8 ڏھ مهنن کان وڌيڪ ئي حڪومت نه هلندي گذريل 20 مهينن ۾ جيڪا حڪومت هئي انهي سان مهنگائي آسمان تي وئي هاڻ وري مهانگي ٿيندي انهي سان مڊل ڪلاس ماڻهون ختم ٿي ويندو معاشري کي مڊل ڪلاس ماڻهون ٿو هلائي مڊل ڪلاس ويو ته معاشرو به ويندو فوج سڀن کي آزمائي ورتو آهي ٿي سگهي ٿو مارشلا لڳي هي نيشنل ۽ انٽرنيشنل سطع تي ظاهر ٿيا آهن هن اليڪشن کي ڪير تسليم ڪندو اسان جي فوج ۽ ججن جي خدا رهنمائي ڪري
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Oct 2025
•
شوبز
عریاں مواد کا الزام: ریئلٹی شو "لازوال عشق" کے خلاف عدالت میں درخواست دائر
19th Oct 2025
•
کھیل
ٹیسٹ چیمپئن کے خلاف سیریز جیتنے کا بہترین موقع ہے: اظہر محمود
19th Oct 2025
•
تازہ ترین
گندم پالیسی منظور، قیمت 3500 روپے فی من مقرر
19th Oct 2025
•
تازہ ترین
جنگ بندی معاہدہ خوش آئند، افغان سرزمین سے دہشتگردی کی روک تھام کے لیے اقدامات ضروری ہیں: اسحاق ڈار
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
فوجي فرٽيلائزر ڪمپني (ايف ايف سي) پورٽ قاسم طرفان سونا فٽبال ڪپ منعقد
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڊي سي ٺٽو پاران مقامي نوجوانن کي روزگار ۾ اوليت ڏيڻ جي هدايت
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز: قومي شاهراهه تي خوفناڪ حادثو، 8 ڄڻا زخمي
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: سي آءِ اي پوليس پاران ٻن دهشتگردن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
جي ڊي اي
حرن
پير صاحب پاڳاري
پير پاڳارو
GDA
PPP PTI
0 تبصرے