سرحد: پ پ اڳواڻ حاجي خان مھر جي ڪارنر گڏجاڻي ۾ شرڪت

سرحد: پ پ اڳواڻ حاجي خان مھر جي ڪارنر گڏجاڻي ۾ شرڪت

سرحد: پ پ اڳواڻ حاجي خان مھر جي ڪارنر گڏجاڻي ۾ شرڪت

سرحد(رپورٽر) يونين ڪائونسل علي باغ جي مختلف ڳوٺن ۾ اڳوڻي ضلعي چئرمين سردار حاجي خان مھر جي مختلف ڳوٺن۾ ڪارنر گڏجاڻيون خر موجب،پاڪستان پيپلز پارٽي (NA-199) جي اميدوار سردار علي گوهر خان مهر، (20-PS) جي اميدوار سردار محمد بخش خان مهر اڳوڻو ڊسٽرڪٽ چيئرمئن سردرزاده حاجي خان مهر سندس گڏ ميان غلام ياسين پيرزادو، وڏيرو حاجي علي ڏنو مھر، رئيس علي گوهر نائچ، محترم ڀورل خان ڀھيو، وڏيرو گامڻ گبول، حاجي گل محمد ڇڄڻ، وڏيرو علي مراد مھر ۽ ٻين معززين ڳوٺ:- تاج محمد گھنيو پهچي وڏيرو علي مراد گھنيو پاران منعقد ڪرايل ڪارنر گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪئي پروگرام ۾ پهچڻ تي سردارذادہ حاجي خان مھر جو مھر، گھميا ۽ ٻين مختلف برادرين طرفان ڀرپور گلن جي ورکا سان استقبال ڪيو. ڪارنر گڏجاڻي ۾ علائقي ۾ رهندڙ مختلف برادرين جي معززين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. انهيءَ موقعي تي سڀني برادرين جي طرفان مڪمل حمايت جو اعلان ڪيو ويو. پولنگ ڏهاڙي تير جي نشان تي ٺپا هڻي پيپلز پارٽي ۽ مهر سردارن کي وڏي اڪثريت سان ڪامياب ڪرڻ جو وچن ڪيو