مورو ۾ جي ڊي اي اڳواڻ محمد اسلم قريشي ضياءَا لحسن لنجار سان ملاقات بعد پ پ ۾ شامل

مورو ۾ جي ڊي اي اڳواڻ محمد اسلم قريشي ضياءَا لحسن لنجار سان ملاقات بعد پ پ ۾ شامل

مورو ۾ جي ڊي اي اڳواڻ محمد اسلم قريشي ضياءَا لحسن لنجار سان ملاقات بعد پ پ ۾ شامل

مورو (رپورٽر) مورو ۾ جي ڊي اي کي ڌچڪو، سابق يوسي ھڪ جو ناظم رھندڙ جي ڊي اي کي الوداع ڪري پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۾ شموليت اختيار ڪري ڇڏي. جي ڊي اي اڳواڻ ڊاڪٽر محمد اسلم قريشي پنهنجي برادريءَ سميت پيپلز سيڪريٽريٽ ۾ پيپلز پارٽيءَ ڊويزنل صدر ۽ پي ايس 35 تي اميدوار ضياءَ الحسن لنجار سان ملاقات بعد اعتماد ڪندي پيپلز پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪري ڇڏي. ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر محمد اسلم قريشي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تہ مان پنهنجي برادريءَ سميت مرشد ڪريم سيد سعيد احمد شاھ سنگھانوي جي حڪم تحت جي ڊي اي جتوئي گروپ کي الوداع ڪري پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ڊويزنل صدر اميدوار کي پي ايس 35 جي اميدوار ضياءَ الحسن لنجار تي اعتماد ڪندي شموليت ڪئي آھي ۽ 8 فيبروريءَ تي وڏي اڪثريت سان ووٽ ڏياري ڪامياب ڪنداسين، جڏھن تہ ڊويزنل صدر پي ايس 35 تي اميدوار ضياءَ الحسن لنجار ڊاڪٽر محمد اسلم قريشي ۽ سندس برادريءَ کي پيپلز پارٽيءَ جو جھنڊو پارائي ويلڪم ڪيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ضياءَ الحسن لنجار چيو ته پيپلزپارٽي عوامي پارٽي آهي جيڪا عوام جي خدمت تي يقين رکي ٿي ۽ اسان پيپلز پارٽي ۾ ادنا ڪارڪن جي حيثيت ۾ ڪم ڪندي مورو جي عوام جي خدمت ڪري رهيا آهيون ۽ ڪامياب ٿي ضلعي نوشهري فيروز سميت مورو جي عوام جي خدمت ڪنداسين. ھن چيو تہ اسان مورو ۾ ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇايو آهي ھتان جو عوام ۾ اميد آھي تہ ھو تير تي ٺپو هڻي پيپلز پارٽي جي بيٺل اميدوارن کي وڏي اڪثريت سان ڪامياب ڪندو ھن چيو تہ مون مٿان اردو ڳالھائيندڙ تمام گھڻو يقين رکن ٿا انشاءَالله انھن جي يقين اعتماد کي برقرار رکندي کين ھر مشڪل وقت ۾ ساٿ ڏنو ويندو ۽ بنيادي مسئلن کي پڻ ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو ويندو. ان موقعي تي سٽي صدر سيد ڪاظم علي شاھ، سابق ڪائونسلر ملڪ غلام شبير، سردار آصف راجپوت، وسيم خاڪي ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا.