ڏوڪري ۽ باقراڻي جو عوام باشعور آھي، اليڪشن ۾ پ پ اميدوارن کي ئي کٽرائيندو: عدنان الطاف انڙ

ڏوڪري ۽ باقراڻي جو عوام باشعور آھي، اليڪشن ۾ پ پ اميدوارن کي ئي کٽرائيندو: عدنان الطاف انڙ

ڏوڪري ۽ باقراڻي جو عوام باشعور آھي، اليڪشن ۾ پ پ اميدوارن کي ئي کٽرائيندو: عدنان الطاف انڙ

ڏوڪري(اظهر ميمڻ) پيپلزپارٽي اڳواڻ عدنان الطاف حسین انڙ جو چوڻ هو ته ڏوڪري باقراڻي جو عوام شعور رکندڙ آهي، پي ايس 13 جي اميدوار عادل الطاف حسین انڙ ۽ اين اي 195 اميدوار نظير احمد خان ٻگهيو کي 8 فيبروري تي اڪثريت سان ڪامياب ڪندو اهڙو اظهار هن ڳوٺ لالي جا ڀاڻ (علي گل ابڙو) ۾ برڪت ابڙو، زوار فدا حسين ابڙو، مظهر ابڙو، سرفراز گل ابڙو، مير ابڙو، فراد ابڙو پاران ڪارنر گڏجاڻي ۾ خطاب ڪندي چئي. هن وڌيڪ چيو ته اسان سان ڏکن سکن رهندڙ دوستن سان ايم پي اي عادل الطاف حسین انڙ ۽ انڙ خاندان گڏ آهي گڏ رهندو. هن وڌيڪ چيو ته اسان وڏيرڪي سياست تي يقين ناهيون رکندا هيمشہ عوام سياست ڪئي آهي ۽ عوام سان ڏکن سکن ۾ گڏ رهيا آهيون. هن وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي ملڪ جي وڏي ۾ وڏو پارٽي آهي ملڪ جو عوام پيپلزپارٽي جي قيادت پاران نامزد ڪيل اميدوارن کي اڪثريت سان ڪامياب ڪري مخالفن جي تڏا ويڙھ ڪندو. هن وڌيڪ چيو ته اسان جي همدردن، ورڪرن ساٿين کي گهرجي ته 8 فيبروري تي گهرن ۾ ويهڻ بدران پولنگ اسٽيشن تي پهچي وڌ کان وڌ ووٽ ڪاسٽ ڪرائي ايم پي اي عادل الطاف حسین انڙ ۽ ايم اين اي نظير احمد خان ٻگهيو کي اڪثريت سان ڪامياب ڪرايو. ڪارنر گڏجاڻي ۾ عبدالغني ابڙو، خليل احمد جتوئي، صحبت علي جسڪاڻي، ممتاز علي ابڙو، جنيد فدا حسين ابڙو، ڪاشف حسين ابڙو، راڻا گلشير مل اوڏ، سلطان احمد جتوئي، اخلاق احمد انڙ، عبدالخالق ابڙو ۽ ٻين شريڪ هئا.