سنڌ کي ھٿ وٺي تباھ ۽ برباد ڪيو ويو آھي، عوام ايندڙ اليڪشن ۾ بدلو وٺي: اياز لطيف پليجو

سنڌ کي ھٿ وٺي تباھ ۽ برباد ڪيو ويو آھي، عوام ايندڙ اليڪشن ۾ بدلو وٺي: اياز لطيف پليجو

سنڌ کي ھٿ وٺي تباھ ۽ برباد ڪيو ويو آھي، عوام ايندڙ اليڪشن ۾ بدلو وٺي: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد (بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو اليڪشن مھم تيز، پي ايس 60 قاسم آباد تڪ جي مختلف ڳوٺن چانڊيا، پٺاڻ، بچل سومرو ۾ ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ سميت قاسم آباد کي ھٿ وٺي تباھ ۽ برباد ڪيو ويو آھي. پيپلز پارٽي چاھي ھا تہ 15 سالن قاسم آباد مان غربت، بک بدحالي ۽ بيروزگاري ختم ٿي وڃي ھا. پي ايس 60 قاسم آباد جو عوام ھاڻ تبديلي چاھي ٿو. 8 فيبروري تي قاسم آباد عوام جي مينڊيٽ تي ڌاڙا ھڻي جعلسازي سان نتيجا تبديل ڪندڙ پيپلزپارٽي ۽ زرداري ٽولي کي ھميشہ لاءِ دفن ڪري ڇڏيندو.ھن ڀيري ڌانڌلي ھلڻ نہ ڏني ويندي، 8 فيبروري تي ڪرپشن ڪندڙ پيپلز پارٽي ۽ زرداري ٽولي جو سج لھي ويندو. اليڪشن ۾ ڪامياب ٿي امن، انصاف، برابري، تعليم ۽ صحت، تعليم لاء ڪم ڪنداسين، بک، بيروزگاري جو خاتمو آڻينداسين. اياز لطيف پليجي چيو تہ 8 فيبروري تي نئون سج اڀرندو جيڪو سنڌ لٽيندڙن ڪرپٽ زرداري ٽولي ۽ پيپلزپارٽي کي ختم ڪري ڇڏيندو. پيپلزپارٽي پنهنجي گذريل پندرهن سالن جي اقتدار دوران سنڌ سميت پي ايس 60 قاسم آباد جي ٻھراڙين کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ ترقي ڏيڻ بدران منشيات، بدامني لاقانونيت جا تحفا ڏنا. اياز لطيف پليجي چيو تہ زرخيز زمينون، گئس، پيٽرول، ڪوئلو، بندرگاھون، دنيا جي ھر شيء سنڌ وٽ آهي. ﷲ پاڪ سمورن نعمتن سان سنڌ کي نوازيو آهي. پر سنڌ جي ماڻهن کي الاھي ڪھڙي سزا ڏني وئي آهي، يا پنھنجن ابن، ڏاڏن کان ڪو اھڙو پاپ ٿيو هو جو اسان جي مٿي ۾ آصف علي زرداري جھڙو غذاب لڳو آهي جنهن شاھوڪار سنڌ کي لٽي تباھ ڪري پينو فقير بڻائي ڇڏيو آهي. قدرت جون نعمتون گئس پئٽرول، ڪوئلو، سمنڊ، جبل سميت سموري معدنيات سامي جي ھڪ پڙ ۾ ٻئي پڙ ۾ آصف علي زرداري نعمتن وارو پاسو مٿي ۽ آصف زرداري وارو پاسو ھيٺ آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلزپارٽي جي گذريل حڪومتن ۾ ترقياتي ڪمن جي نالي ۾ اربين روپيا خرچ ڏيکاري ڪرپشن ذريعي لٽي کائي ويا. پيپلزپارٽي قاسم آباد سميت سنڌ ۾ ھڪ بہ اھڙي يونين ڪاؤنسل، شھر، ڳوٺ جيڪي ماڊل ھجن جنهن ۾ سموريون بنيادي سھولتون ھجن. قاسم آباد جي ماڻھن کي گٽر مليل پيئڻ جو پاڻي فراھم ڪيو ويو. شھر ڪچري جو ڍير ۽ ٻھراڙيون کنڊر بنيل آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ ايندڙ سنڌ حڪومت جي ڊي اي ۽ سندس اتحادين جي ھوندي. جيڪي ماڻهو جي ڊي اي کي ڇڏي ويا انهن ماڻهن جي عزت وڃي ڏسو، جن پارٽين ۾ ويا اتي دروازي کولڻ، اسٽيج جي پويان بيھي فقط ٻين کي ڏاڪڻ تي چڙھڻ ڏسڻ آهي. جي ڊي اي ۾ ھنن جي عزت ھئي برابري ھئي وقار ھو. وڏيرن جي پارٽين ۾ جمھوريت نہ آهي اتي ھڪ فرد يا فيملي فيصلو ڪندي آهي، پر جي ڊي اي ۾ جمھوريت آهي فيصلا گڏيل صلاح مصلحت تحت ڪيا ويندا آهن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جو هر ٻچو منهنجو ٻچو آهي. اسين سنڌ جي وسيلن ۽ حقن جا محافظ آهيون. وڏيرا تعزيتن ۽ پوئن جي دوکي ۾ سنڌ کي تباھ ڪيو ويو آهي. سنڌي ماڻهو تعليم، ميرٽ، روزگار ۽ سنڌ جي وسيلن لاءِ ووٽ ڏين. اياز لطيف پليجي چيو تہ فھميده مرزا ۽ ذوالفقار مرزا کي جي ڊي اي جو نشان تارو نہ پيو ملي آئون مطالبو ٿو ڪريان اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کان تہ ھاءِ ڪورٽ سندن فارم بحال ڪيا آهن. ھاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ فوري طور نوٽيس وٺي اليڪشن ڪميشن کي چون تہ مرزا فيملي کي سندن اتحاد جي ڊي اي جو نشان تارو الاٽ ڪيو وڃي تارو فتح جو نشان آهي، ڪتاب بہ اسان جو نشان آهي، قومپرستن جا نشان بہ اسان جا آهن جيڪو ماڻهو پيپلزپارٽي ۽ زرداري ٽولي جي خلاف ثابت قدم سان بيٺو آهي اھو اسان جو آهي. پي ايس 60 تڪ قاسم آباد واسيو توهان سان جي ڊي اي، قومي عوامي تحريڪ ۽ اتحادين جو واعدو آهي سمورا بنيادي مسئلا حل ڪندي اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلزپارٽي گذريل پندرهن سالن جي حڪمراني دوران توهان جا حق کاڌا ويا آهن نہ توهان وٽ ڊرينج، نہ پيئڻ جو صاف پاڻي، نہ توھان وٽ سٺو روڊ، نہ روزگار آهي گذريل پندرهن سالن ۾ ڪابہ قاسم آباد جي علائقي ۾ صنعتي فيڪٽري نہ لڳي آهي، قاسم آباد جي نوجوانن جون نوڪريون پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي ڪروڙين رپين ۾ وڪرو ڪيون ويون. سنڌ جي نوجوانن لاءِ داخلائون لاءِ جيڪو موقعو ھو ايم ڊي ڪيٽ ميڊيڪل جو انھن جو پرچو ڪروڙين رپين ۾ وڪرو ڪري ڇڏيو حق دار، محنتي، ھوشيار شاگرد رھجي ويا.