ڏوڪري: پ پ اڳواڻن محمد علي خان ٻگھيو، علي ڏنو گاڏھي ۽ ٻين پاران اليڪشن جي حوالي سان ڪارنر گڏجاڻين ۾ شرڪت

ڏوڪري: پ پ اڳواڻن محمد علي خان ٻگھيو، علي ڏنو گاڏھي ۽ ٻين پاران اليڪشن جي حوالي سان ڪارنر گڏجاڻين ۾ شرڪت

ڏوڪري: پ پ اڳواڻن محمد علي خان ٻگھيو، علي ڏنو گاڏھي ۽ ٻين پاران اليڪشن جي حوالي سان ڪارنر گڏجاڻين ۾ شرڪت

ڏوڪري: جنرل اليڪشن يونين ڪائونسل وڏي وھڻي جي ڳوٺ خير محمد جھتيال ۾ جان محمد جھتيال طرفان منقعد ڪيل ڪارنر گڏجاڻي جنهن ۾ خصوصي شرڪت: پاڪستان پيپلز پارٽي جو اڳوڻو ايم پي اي حزب الله خان ٻگھيو جو فرزند ضلعي نائب صدر لاڙڪاڻو محمد علي خان ٻگھيو پ پ پ جنرل سيڪريٽري تعلقو ڏوڪري علي ڏنو خان گاڏهي، راجا خان جھتيال، پ پ پ انفارميشن سيڪريٽري تعلقو ڏوڪري محمد جمن ٻگھيو، چيئرمين يوسي وڏي وھڻي محمد علي راڄپر، جميل خان ٻگھيو، عرفان خان ٻگھيو، چيئرمين يوسي دڙا بشير احمد جوڻيجو ۽ پ پ پ اڳواڻ ھمٿ علي جتوئي. گڏجاڻي جي شروعات قرآن پاڪ جي تلاوت سان ڪئي وئي ۽ آيل معززين کي سنڌ جي ثقافت ٽوپي اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا ويا جنھن ۾ جھتيال برادري جي معززين ۽ جيالن طرفان 8 فيبروري تي ٿيندڙ اليڪشن ۾ ڀرپور نموني سان ساٿ ڏيڻ وچن ڪري پاڪستان پيپلز پارٽي جي اميدوارن کي ڪامياب ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي انفارميشن سيڪريٽري سٽي باڊھ برڪت علي چنو، ميمبر ضلع ورڪنگ ڪامييٽي لاڙڪاڻو رياض حسين سومرو، محمد صفر جوڻيجو، عبدالوحيد ھليو، عمران علي عباسي، امجد علي ٽاٽڙي، حبيب الله عالماڻي، رضا محمد کوکر، سيد صدام علي شاھ، خالد حسين ڦلپوٽو، عنايت لاشاري، نبي بخش ٽاٽڙي، علي رضا عالماڻي، چاچو محمد اسمائيل چانڊيو، عرفان منگي محمد ٽاٽڙي ۽ دوست، معززين ۽ جيالن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.