جيڪب آباد: صدام لاشاري کي فل فراءِ ڪرڻ وارو پوليس مقابلو جڙتو قرار، ايس ايڇ او ۽ اهلڪارن خلاف ڪيس داخل

جيڪب آباد(رپورٽر) جيڪب آباد پوليس جو مقابلو جڙتو قرار، ٺل واسي نوجوان صدام لاشاري جي قتل جو ڪيس داخل ڪيو، صدام لاشاري جي قتل ڪيس ۾ ٻه ايس ايڇ اوز 5 اهلڪار ۽ خانگي فريادي جوابدار طور نامزد، سنڌ حڪومت جي حڪم تي ڪرايل جوڊيشل انڪوائري ۾ مقابلو جڙتو قرار ڏنو ويو آءِ جي سنڌ جي حڪم تي ڪيس داخل ڪيو ويو آباد ٿاڻي تي مقتول صدام جي ڀيڻ حسينا لاشاري جي فرياد تي ايس ايڇ او غلام نبي بجاراڻي ۽ اڳوڻو ايس ايڇ او نبي بخش ڏاهاڻي نامزد ڪيو ويو، ڪيس ۾ 5 اهلڪارن اسلم گورشاڻي، امير نوناري، غلام مرتضيٰ، ممتاز ڪٽو، شهزادو کوسو ۽ خانگي فريادي ياسين ٻرڙو نامزد ڪيو ويو، پوليس 4 اهلڪارن اسلم گورشاڻي، غلام مرتضیٰ، ممتاز ڪٽو، ڊرائيور شهزادو کوسو کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو، ياد رهي ته 8 مهينا اڳ ٺل پوليس صدام لاشاري کي گرفتار ڪيو هو آباد پوليس مقابلو ڄاڻائي صدام کي ماريو هو،