English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سجاول ۾ استادن جو 2023 جي آدمشماري جو معاوضو نھ ملڻ خلاف احتجاج
105 views
|
28th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
سخت گرمي ۽ ڏکين حالتن ۾ قومي ذميواري نڀائي، پر معاوضو اڃا تائين ناھي مليو: استاد
سجاول (رپورٽر) 2023ع جي آدمشماري جو معاوضو نہ ملڻ خلاف استادن ڊپٽي ڪمشنر آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ضلعي سجاول ۾ 2023ع جي آدمشماري جو معاوضو ٽن سالن کان پوءِ بہ ادا نہ ٿيڻ خلاف استادن ڊپٽي ڪمشنر آفيس اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي مظاهرين چيو تہ هنن سخت گرمي ۽ ڏکين حالتن ۾ قومي ذميواري نڀائي، پر اڄ تائين کين سندن معاوضو ادا نہ ڪيو ويو آهي. استادن موجب پاڪستان بيورو آف اسٽيٽسٽڪس (PBS) آدمشماري جو معاوضو ڊپٽي ڪمشنر آفيس ڏانهن منتقل ڪري چڪو آهي، پر ان باوجود ادائيگي اڃا تائين رڪيل آهي. هنن مطالبو ڪيو تہ سندن جائز معاوضو بنا ڪنهن وڌيڪ دير جي فوري طور جاري ڪيو وڃي ۽ ادائيگين ۾ ٿيندڙ دير جو سلسلو ختم ڪيو وڃي. مظاهرين وڌيڪ چيو تہ هر قومي مهم دوران استادن کان خدمتون ورتيون وڃن ٿيون، پر سندن حقن جي ادائيگي ۾ مسلسل دير ڪئي وڃي ٿي، جيڪا ناانصافي آهي. استادن خبردار ڪيو تہ جيڪڏهن سندن معاوضو فوري طور ادا نہ ڪيو ويو تہ هو پنهنجي احتجاج جو دائرو وڌيڪ وسيع ڪندا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
04th Sep 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
بشکیک: پاکستان کی قیادت
04th Sep 2026
•
سندھ
کراچی میں کارکنان کی گرفتاری دہشتگردی کے مقدمات قابلِ مذمت ہیں، کاشف سعید شیخ
04th Sep 2026
•
تازہ ترین
پی ای سی کا ملک بھر میں 1,400 گریجویٹ انجینئرز کے لیے اسکل ڈویلپمنٹ ٹریننگ کا آغاز
02nd Sep 2026
•
کھیل
ٹچ می ٹرافی انڈر 15 انٹر زونل کرکٹ ٹورنامنٹ
04th Sep 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
بشکیک: پاکستان کی قیادت
04th Sep 2026
•
سندھ
کراچی میں کارکنان کی گرفتاری دہشتگردی کے مقدمات قابلِ مذمت ہیں، کاشف سعید شیخ
04th Sep 2026
•
تازہ ترین
پی ای سی کا ملک بھر میں 1,400 گریجویٹ انجینئرز کے لیے اسکل ڈویلپمنٹ ٹریننگ کا آغاز
02nd Sep 2026
•
کھیل
ٹچ می ٹرافی انڈر 15 انٹر زونل کرکٹ ٹورنامنٹ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سجاول ۾ استادن جو 2023 جي آدمشماري
0 تبصرے