اربين روپين جي گاڏين ۾ ورڪ ڪندڙ ڪرپٽ ماڻھن سنڌ کي تباھ ڪري ڇڏيو: اياز لطيف پليجو

اربين روپين جي گاڏين ۾ ورڪ ڪندڙ ڪرپٽ ماڻھن سنڌ کي تباھ ڪري ڇڏيو: اياز لطيف پليجو

اربين روپين جي گاڏين ۾ ورڪ ڪندڙ ڪرپٽ ماڻھن سنڌ کي تباھ ڪري ڇڏيو: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد (بيورو) قومي عوامي تحريڪ پاران اليڪشن ورڪ تيز قومي عوامي تحريڪ سربراھ اياز لطيف پليجي پي ايس 60 قاسم آباد جي ڳوٺ الھبچايو ڇلگري پھتو جتي ڳوٺ جي سوين عورتن سميت علائقي واسين گلن جي ورکا ڪري سندس شاندار استقبال ڪري کيس اجرڪن جا تعفا ڏنا. ڪارنر گڏجاڻي کي خطاب اياز لطيف پليجي چيو تہ هڪ طرف تيل، گئس ۽ ٻيا قدرتي وسيلا آهن ۽ ٻئي طرف آصف زرداري ۽ پيپلز پارٽي جي ڪرپٽ مافيا آهي، جيڪا لٽي رهي آهي. ماڻهو قتل ٿي رهيا آهن. شهرن ۽ ڳوٺن ۾ منشيات جا ڍير آهن. اربين روپين جي گاڏين ۾ ورڪ ڪندڙ زرداري ٽولي جا ڪرپٽ ماڻهو سنڌ کي ڦري تباھ ڪري ڇڏيو هو. سنڌ جا ماڻهو ھاڻي سجاڳ ٿي ويا آهن، اهي پيپلزپارٽي کي ووٽ ڏيڻ کان انڪار ڪري رهيا آهن ۽ سوال ڪري رهيا آهن اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلزپارٽي ۽ زرداري ٻوڏ متاثرن جي بحالي جي نالي ۾ اربين روپين کائي ويا. پيپلز پارٽي ۽ زرداري ٽولو اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ نمائشي۽ ڍونگ ذريعي عوام جي حقن جون مٺيون مٺيون ڳالهيون ڪري اقتدار ملڻ کانپوءِ سنڌ جي ماڻهن کي سڃاڻندا ڪون آھن. سنڌ جي ماڻهن سان ھنن سدائين مذاق اڏايو آهي پيپلزپارٽي ۽ زرداري ٽولي کان 8 فيبروري تي پنهنجي ووٽ ذريعي حساب وٺندا.پي ايس60 قاسم آباد ۾ پيپلزپارٽي پارٽي جي اميدوار اليڪشن مينيج ڪرڻ لاءِ 20 ھزار روپيا في ووٽ جي خريداري شروع ڪري ڇڏي آھي. وڏيرن کي پولنگ کٽڻ لاءِ 50 لک ۾ خريد ڪيو پيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ 15 سالن ۾ عوام جي لٽيل دولت مان ڪجھ ڪروڙ خرچ ڪري وري اربين روپين جي ڦرلٽ جي تياري ڪئي پئي وڃي پر ھن ڀيري ڌانڌلي ھلڻ نه ڏني ويندي. اياز لطيف پليجي چيو تہ قاسم آباد سنڌ جي پڙھيل لکيل ماڻھن جو اھم شھر آھي پر گھٽيون ڪچري سان ڀريون پيون آھن، گٽر اٿليل آھن، ماڻھن کي پيئڻ جي پاڻي جي سھولت ناھي. ٻھراڙين جا ڳوٺ بنيادي سھولتن کان محروم آھن. اليڪشن ۾ ڪامياب ٿي قاسم آباد سميت سڄي سنڌ جي تقدير کي بدلائي ڇڏينداسين. سنڌ جو عوام ڪرپٽ مافيا کي رد ڪري چڪو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ قاسم آباد ۽ حيدرآباد ٻھراڙي جون 4 يوسيون ايڊز جي ريڊ زون ۾ اچن ٿيون. ماڻھو صحت، تعليم جي بنيادي سھولت کان محروم آھن. نوجوانن کي روزگار ناھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڳوٺ الھبچايو ڇلگري، ھٽڙي مسوڀرڳڙي ٽنڊو سعيد خان، واڻڪي وسي، گيلو نوناري، الھ رکيو سولنگي ۽ ٻيا ڳوٺ بنيادي سھولتن کان محروم آھن، بدامني ۽ منشيات جو ڳڙھ بنايا ويا آھن.