ڏوڪري: پ پ اميدوار عادل الطاف انڙ جون چونڊ سرگرميون جاري، ڳوٺاڻن پاران شاندار آجيان

ڏوڪري: پ پ اميدوار عادل الطاف انڙ جون چونڊ سرگرميون جاري، ڳوٺاڻن پاران شاندار آجيان

ڏوڪري: پ پ اميدوار عادل الطاف انڙ جون چونڊ سرگرميون جاري، ڳوٺاڻن پاران شاندار آجيان

ڏوڪري (اظهر ميمڻ)پاڪستان پيپلزپارٽي جو اميدوار براءِ ايم پي اي پي ايس 13 عادل الطاف حسين انڙ وارڊ نمبر 02 ۾ پهچي ڪائونسلر حبيب الله کوکر ۽ صحبت علي جسڪاڻي جن جي طرفان منعقد ڪيل ڪارنر گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ٽائون ڪاميٽي ڏوڪري جو چيئرمين عبدالحميد جيسر، پاڪستان پيپلزپارٽي يوسي وڪڙو جو صدر انجنيئر وقار علي سومرو، رئيس مظفر علي چانڊيو، مير شڪيل بروهي، رئيس فاروق علي جتوئي، جاويد علي سامٽيو، اڳوڻو چيئرمين لياقت علي سومرو، محراب علي خاصخيلي، سرائي قمرالدين ميتلو، يوسي وڏي وهڻي جو انفارميشن سيڪريٽري اياز علي جت، وائيس چيئرمين سيف الله سومرو، ضمير علي ڀٽي، پيپلزيوٿ ونگ تعلقي ڏوڪري جو سينئر نائب صدر ذيشان علي ميمڻ، منظور علي ڪٽپر، آغا خان جلباڻي، زوار فدا حسين ابڙو، ڪاشف خاصخيلي، ديدار علي شيخ، غلام قادر ميمڻ، اجمل جوڻيجو، ممتاز سومرو، منور خاصخيلي، نثار جسڪاڻي، وقاص پٺاڻ، عامر جسڪاڻي، مير فرحاد ابڙو جن به شرڪت ڪئي. گڏجاڻي جي شروعات قرآن پاڪ جي تلاوت سان ڪئي وئي. آيل معززين کي سنڌ جي ثقافت ٽوپي اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا ويا. ان موقعي تي آجياڻو ڏيندي صحبت علي جسڪاڻي چيو ته اليڪشن ۾ ڀرپور نموني هيٺ مٿي ووٽ تير کي ڏيئي ڪامياب ڪنداسين ۽ پنهجي محبوب اڳواڻ کي سنڌ اسيمبلي ۾ آننداسي. ان موقعي تي خطاب ڪندي پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ پي ايس 13جي اميدوار عادل الطاف حسين انڙ چيو ته ڏوڪري شهر واسين وارڊ 2جي رهواسين جو شڪر گذار آهيان جن بلدياتي اليڪشن ۾ به سوڀارو ڪيو اسان جي اميدوارن کي ۽ هاڻي به وڌ کان وڌ 8فيبروري تي هيٺ مٿي تير کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪندا.