شڪارپور پوليس جي ڪارروائي، لکين روپين جي چوري واپس ڪرائڻ جي دعويٰ

شڪارپور پوليس جي ڪارروائي، لکين روپين جي چوري واپس ڪرائڻ جي دعويٰ

شڪارپور پوليس جي ڪارروائي، لکين روپين جي چوري واپس ڪرائڻ جي دعويٰ

شڪارپور ( احسان ابڙو ) شڪارپور پوليس جي ڪامياب ڪارروائي، چوري ٿيل 07 تولا سون جا زيور، 50 هزار روڪ رقم، 2 موبائل-فونز هٿ. چوري ۾ ملوث 02 مُک جوابدار گرفتار، ڪيس داخل، ڪجھ ڏينهن اڳ هڪڙا محلات جو رهواسي لطيف ڏنو ناپر جي گهر مان نامعلوم جوابدار 07 تولا سون جا زيور، 50 هزار روڪ رقم ۽ 2 موبائل-فونز چوري ڪري فرار ٿي ويا هئا.واقعي جو اطلاع ملڻ تي ايس ايس پي شڪارپور ڊاڪٽر محمد عمران خان اي ايس پي سٽي شڪارپور محمد عثمان خان ۽ ايس ايڇ او ٿاڻي لکيدر علي بيگ بجاراڻي کي چوريءَ ۾ ملوث جوابدارن کي ٽريس ڪري، چوري ٿيل سامان هٿ ڪرڻ جون هدايتون پڻ جاري ڪيون. پوليس ٽيم ڪيس کي ٽريس ڪري سون، روڪ رقم ۽ موبائل-فونز جي چوريءَ ۾ ملوث جوابدارن کي بيگاري روڊ تان گرفتار ڪري چوري ٿيل سامان هٿ ڪري سندن جي خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو. گرفتار جوابدارن جي سڃاڻپ ڪامران شجراع ۽ برڪت علي ميمڻ طور ٿي آهي.گرفتار جوابدار جي نشاندهي تي چوري جو سمورو سامان، 07 تولا سون جا زيور، 50 هزار روڪ رقم ۽ 2 موبائل-فونز هٿ ڪري قانوني ڪارروائي بعد مالڪ جي حوالي ڪيو ويو.گرفتار جوابدار جاچ جي دوران انڪشاف ڪيو ته لطيف ڏنو پنهنجي ڀاءُ پيرن ڏنو جي فوتگي تي گهر کي تالو هڻي ويو هو، جنهن دوران تالو ٽوڙي سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا هئاسين. ڪامياب ڪارروائي تي ايس ايس پي شڪارپور ڊاڪٽر محمد عمران خان پوليس پارٽي کي شاباس ڏني.