باقراڻي ويجھو انڙ ھائوس علي آباد تي عادل انڙ ۽ عدنان انڙ پاران اڳواڻن ۽ ووٽرن سان گڏجاڻي

باقراڻي ويجھو انڙ ھائوس علي آباد تي عادل انڙ ۽ عدنان انڙ پاران اڳواڻن ۽ ووٽرن سان گڏجاڻي

باقراڻي ويجھو انڙ ھائوس علي آباد تي عادل انڙ ۽ عدنان انڙ پاران اڳواڻن ۽ ووٽرن سان گڏجاڻي

باقراڻي(رپورٽر) باقراڻي لڳ انڙ هائوس علي آباد ۾ انڙ ڀائرن پي ايس 13 جي پ پ اميدوار عادل الطاف خان انڙ ۽ سندس ڀاءُ عدنان الطاف خان انڙ پاران صوبائي تڪ پي ايس 12 جي انڙ حامي ووٽر ۽ سپورٽرز ، چونڊيل نمائيندن توڙي ڳوٺن ۽ برادرين جي چڱن مڙسن جي گڏجاڻي منعقد ڪئي وئي ، جنهن ۾ پي ايس 12 جي پ پ اميدوار سهيل انور سيال ۽ قومي تڪ اين اي 195 جي اميدوار سردار نظير احمد ٻگهيو ، پ پ اڳواڻ سرائي منور علي خان سيال ، مير شڪيل ڪريم مينگل ، رئيس مظفر خان چانڊيو سميت وڏي انگ ۾ انڙ حامي ووٽر ۽ سپورٽرز توڙي سندن اتحاد جي مختلف يوسيز جي چونڊيل نمائيندن توڙي مختلف ڳوٺن ۽ برادرين جي چڱن مڙسن پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ، ان موقعي تي پي ايس 13 جي پ پ اميدوار عادل الطاف خان انڙ جي ڀاءُ عدنان الطاف خان انڙ ڳالهائيندي چيو ته اسان پي ايس 12 جي اميدوار سهيل انور سيال توڙي اين اي 195 جي اميدوار سردار نظير احمد ٻگهيو جي حمايت ڪريون ٿا ۽ پنهنجي ويجهن ساٿين توڙي انڙ خاندان سان هر ڏک سک ۾ ساٿ ڏيندڙن کي اپيل ٿا ڪريون ته اهو پاڪستان پيپلزپارٽي جي اميدوارن کي ڪامياب ڪن ، ان موقعي تي پي ايس 12 جي پ پ اميدوار سهيل انور سيال ، اين اي 195 جي اميدوار نظير احمد ٻگهيو چيو ته اسان عوامي سياست تي يقين رکيو آهي ۽ عوام جي ووٽ جي طاقت سان سياست ڪئي آهي انڙ صاحبان ۽ راشدي صاحب ۽ عوام جي ساٿ سان مخالف اميدوار کي وڏي اڪثريت سان شڪست ڏينداسين ، عوام کي گذارش ڪيون ٿا ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي اميدوارن کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪندا .