English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سجاول ۾ ڊي سي عبدالواجد شيخ جي صدارت ھيٺ عام چونڊن بابت اجلاس
views
|
19th Jan 2024
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ ڊي سي عبدالواجد شيخ جي صدارت ھيٺ عام چونڊن بابت اجلاس
سجاول(رپورٽر) ڊپٽي ڪمشنر ۽ ضلعي رٽرننگ آفيسر سجاول عبدالواجد شيخ جي صدارت هيٺ عام چونڊن 2024ع جي تيارين جو جائزو وٺڻ لاءِ سندس آفيس ۾ هڪ اهم اجلاس منقعد ٿيو، جنهن ۾ ضلعي اليڪشن ڪمشنر افتخار حسين. ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون عبدالڪريم سنگراسي، ضلعي جي سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن، ايجوڪيشن ورڪس، حيسڪو، پوليس تعليم، صحت ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پولنگ اسٽيشنن ۾ بنيادي سهولتن جي موجودگي، ٽرانسپورٽ، سيڪيورٽي انتظامن، پولنگ اسٽاف جي تربيت، بجلي جي لوڊشيڊنگ ۽ ٻين انتظامي معاملن جو جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ۽ ضلعي رٽرننگ آفيسر عبدالواجد شيخ چيو ته اليڪشن ڪميشن جي معاونت سمورن کاتن جي آئيني ۽ قانوني ذميواري ۽ قومي فرض آهي. هن ايجوڪيشن ورڪس ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي عملدارن کي سختي سان هدايت ڪئي ته سمورين پولنگ اسٽيشنن جي مرمت ۽ بحالي سميت پيئڻ جي پاڻي، بجلي، واش روم، فرنيچر، ريمپ ۽ ٻين گهربل سمورين سهولتن جي موجودگي کي ھر صورت ۾ يقيني بڻائي 25 جنوري 2024ع تائين رپورٽ پيش ڪئي وڃي، ان ڏس ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. هُن حيسڪو عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو پولنگ واري ڏينهن صبح کان 48 ڪلاڪن تائين بجلي جي فراهمي کي بغير ڪنھن رنڊڪ جي يقيني بڻائين. هن پوليس آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو رٽرننگ آفيسرن جي آفيسن، عملي ۽ اليڪشن مٽيريل جي ترسيل سميت سمورين پولنگ اسٽيشنن جي سڪيورٽي لاءِ جٽادار ڪانٽينجنسي پلان تي عملدرآمد کي يقيني بڻائين ته جيئن چونڊ عمل پرامن طريقي سان مڪمل ٿي سگهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو الهيار: زرداري ڪالوني ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان مبينا طور زال قتل
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم صرف ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪرائي سگهي ٿي: بشير رند
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مورو جي شھيد بينظير ڀٽو پارڪ جي سونھن وڌائڻ لاءِ ڪم جاري آهي: نظير ميمڻ
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ڳوٺ صديق شورو واسي نوجوان جو مامي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
سجاول
0 تبصرے