ڊي سي نوشھروفيروز محمد ارسلان سليم جي صدارت ھيٺ اليڪشن بابت اجلاس

ڊي سي نوشھروفيروز محمد ارسلان سليم جي صدارت ھيٺ اليڪشن بابت اجلاس

ڊي سي نوشھروفيروز محمد ارسلان سليم جي صدارت ھيٺ اليڪشن بابت اجلاس

نوشهرو فيروز (ڊر) ضلعي رٽرننگ آفيسر ۽ ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز محمد ارسلان سليم جي صدارت هيٺ ايندڙ عام چونڊن جي اميدوارن لاءِ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران جاري ڪيل ضابطه اخلاق تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ لاءِ اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ايس ايس پي نوشهروفيروز سهائي عزيز ٽالپر، ضلعي اليڪشن ڪمشنر خالد احمد مرزا، سمورن تڪن جي رٽرننگ آفيسرن، ضلعي مانيٽرنگ آفيسر فهيم احمد چنا، مانيٽرنگ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي ضلعي رٽرننگ آفيسر چيو ته سمورا اميدوار اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل ضابطا اخلاق تي سختي سان عمل ڪن، ڀڃڪڙي ڪندڙن تي ڏنڊ ۽ ٻيون سزائون لاڳو ٿي سگهن ٿيون، اميدوار اليڪٽرانڪ ميڊيا، پرنٽ ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا ذريعي اليڪشن ۾ اثرانداز ٿيڻ کان پاسو ڪن. هٿيارن جي سڀني قسمن جي نمائش منع ٿيل آهي. هن چيو ته پوسٽر، هينڊ بل، بينر وغيره اليڪشن ڪميشن جي مقرر ڪيل سائيز کان وڏا نه لڳايا وڃن. هن چيو ته سرڪاري عمارتن تي ڪنهن به پارٽي جا جهنڊا، بينر ۽ پوسٽر نه لڳايا وڃن، ڪو به اميدوار چونڊ مهم دوران ڪنهن به ترقياتي اسڪيم جو اعلان نه ڪري ، ڪا به پارٽي ڪنهن به پارٽي جا جهنڊا، پوسٽر ۽ بينر نه لاهي . جتي به ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي ٿئي ته ان جي شڪايت ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ قائم ڪنٽرل روم يا ريٽرننگ آفيسر يا مانيٽرنگ آفيسرن کي ڪئي وڃي، اجلاس کي خطاب ڪندي ايس ايس پي نوشهروفيروز چيو ته ضلعي ۾ امن امان قائم ڪرڻ لاءِ 5 هزار کان وڌيڪ پوليس اهلڪار ايندڙ عام چونڊن ۾ پنهنجا فرض سرانجام ڏيندا، سمورن پولنگ اسٽيشنن تي مڪمل پوليس سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي. ان موقعي تي قومي اسيمبلي جي اميدوار سيد اصغر علي شاهه، سيد ابرار علي شاهه، صوبائي اسيمبلي جي اميدوار مسرور احمد جتوئي، شڪيل احمد جلباڻي، سيد سرفراز علي شاهه ۽ ٻين پنهنجا ويچار ۽ شڪايتون درج ڪرايون.